
پينٽاگون
پينٽاگون (Pentagon): آمريڪي بچاءَ کاتي جي هيڊڪوارٽر واري عمارت، جيڪا واشنگٽن ڊي سي کان ڪجهہ پنڌ تي، پٽوسيڪ جي ڪناري 1941ع ۾ تعمير ڪئي وئي. ان عمارت جو مقصد ٻي عالمي جـنگ دوران آمريڪي جنگي کاتي جي مختلف آفيسن کي هڪ هـنـڌ آڻـڻ هو. نقشي ۾ هڪ مرڪزي جاءِ جي چؤڦير پنج بلاڪ آهن، عمارت کي آمريڪي اڏاوتن جي ماهر جارج ايڊون برگ سٽرام ڊزائين ڪيو هو، هن وقت پينٽاگون ۾ بري، بحري ۽ هوائي فوج ۽ دفاع جي سيڪريٽريءَ جون آفيسون قائم آهن، اتي ڪم ڪندڙ ملازمن جو تعداد 23,000 کان مٿي آهي، جنهن ۾ سول ۽ فوجي عملدارن جي نسبت تقريباً هڪ جيتري آهي. 2001ع ۾ هڪ هائيجيڪ ٿيل جھاز پينٽاگون جي عمارت سان ٽڪرايو هو، نتيجي ۾ هن عمارت جي ڪجهہ حصي کي هاڃو رسيو ۽ جاني نقصان بہ ٿيو.