
پيـڙا جـو سفـر
پيـڙا جـو سفـر (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ جي ليکڪا ۽ سياسي ورڪر حميدہ گهانگهرو جي آتم ڪهاڻيءَ تي مشتمل آهي. هوءَ شاگردي واري دؤر کان سنڌ جي کاٻي ڌر جي سياست سان وابستہ رهي. هن ان دور کان وٺي پنھنجي وَر شھيد نذير عبـاسـيءَ جي شهادت تائين سڄو احوال هن آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي. پاڻ ڪيترائي ڀيرا جيل بہ وئي. رنگين ٽائيٽل ڊيمي سائيز ۽ 176 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي. هي ڪتاب شھيد نذير عباسي فائونڊيشن طرفان آگسٽ 2006ع ۾ شايع ڪيو ويو.