پير ڳُڻيي واري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ دادو ضلعي ۾ سوڀناري واري پراڻ جو حصو آهي. هيءَ قديم ڍنڍ آهي. سوڀناري وارو درياهي وهڪرو، شھيد مخدوم بلاول رحه جي زماني ۾ باغبان کان اتر ۾ هو، پر اهو نئون وهڪرو هو. سوڀناري واري پراڻ باغبان ۽ موجودہ بھاولپور جي وچان لنگهي، پير ڳڻيي شھر کان لنگهندي هئي. اها ڍنڍ ان درياھہ جي پراڻ آهي.