پير نور شاهه بخاري

پير نور شاهه بخاري

پير نور شاھہ بخاري

پير نور شاھہ بخاري: پير نور شاھہ بخاريءَ جي مزار شڪارپور ۾ نور شاھہ محلي ۾ آهي. هي محلو سندس نالي پٺيان نور شاھہ محلو سڏجي ٿو. سندس وڏا بلخ مان هجرت ڪري، اُچ ۾ آيا هئا، جتان هي شڪارپور ۾ اچي آباد ٿيا. هن درگاھہ جا ستن پيڙهين کان خدمتگار چنا آهن.
چيو وڃي ٿو تہ هي جملي ست ڀائر هئا: نبي شاھہ، نور شاھہ، طبيب شاھہ، محمد شاھہ، ڪمال شاھہ، جعفر شاھہ، ولايت شاھہ، ڪن جي مطابق تہ ڪڻڪ شاھہ بہ سندن ئي ڀاءُ هو. انهن سڀني بزرگن جون مزارون شڪارپور ۾ آهن.
پير نور شاھہ بخاري جي ولادت، وفات جي تاريخ ۽ ولديت جو پتو نٿو پوي. درگاھہ سان لڳو لڳ مسجد شريف بہ آهي، جيڪا پڻ سيد نور شاھہ بخاريءَ جي نالي سڏجي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو