پير ناصر خسرو قبادياني لعل بدخشان

پير ناصر خسرو قبادياني (لعل بدخشان): حڪيم پير ناصر خسرو قبادياني، ’لعلِ بدخشان‘ جي لقب سان، سڄيءَ مسلم دنيا ۾ ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. هي بزرگ، اسلام جي شيعا اسماعيلي عقيدي جو هڪ وڏو مبلغ، مفڪر، عالم، فلسفي، رياضيدان، علمي ۽ ادبي دنيا جو مشھور سياح ۽ فارسي زبان جو هڪ اعلى شاعر هو. هن جو شمار ايران جي مشھور شاعرن ۽ فلسفين ۾ ڪيو ويندو آهي. پنھنجي سائنسي، فلسفيانه، ديني ۽ شاعريءَ تي مشتمل ڪتابن ۾ هن پنهنجو سڄو نالو ڪم آندو آهي، پر پنھنجي سفرنامي ۾ پنهنجو نالو ’ناصر‘ لکيو اٿس، البته شاعريءَ ۾ پنهنجو تخلص ’حُجت‘ ڪم آندو اٿس. هن بزرگ جو اصل نالو، ابو معين حميد الدين ناصر ابن خسرو ابن حارث القبادياني المَروَزي هو، پر عام طور ناصر خسرو جي نالي سان مشھور آهي. هو سن 394ھہ/1004ع ۾ ايران جي خراسان صوبي جي بلخ ضلعي جي هڪڙي ننڍڙي شھر مَرو (موجودہ ترڪمانستان) جي ويجهو قباديان نالي بستيءَ ۾ ڄائو هو. سندس جنم هڪ خوشحال ۽ علمي خاندان ۾ ٿيو. سندس والد اُن وقت جي حڪومت جي ماليات (خزاني) جي محڪمي ۾ هڪ انتظامي عهدي تي فائز هو.
پير ناصر خسروءَ پنھنجي زندگيءَ جي شروعات هڪ ڪاتب جي حيثيت ۾ ڪئي. هن فارسي، عربي، عبراني، ترڪي ۽ يوناني ٻولين سميت ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾ مهارت حاصل ڪئي هئي. سندس سوانح نگار لکن ٿا تہ: ”هن کي علم رياضي، علم نجوم، علم فلڪيات، قرآن و حديث ۽ يوناني فلسفي کانسواءِ، مسلم دنيا جي مشھور مفڪرن، اَلڪندي، اَلفارابي ۽ ابن سينا جي لکيل فلسفيانه تصنيفات تي بہ عبور حاصل هو.“
هو روزگار جي لحاظ کان پنھنجي خانداني روايت موجب غزنوي خاندان جي حڪومت ۾ مالياتي کاتي ۾ محصول اڳاڙيندڙ مقرر ٿيو. هن مَرو (Merv) شھر کي پنھنجي رهائش گاھہ بنايو. اُتي پنهنجو گهر بہ اڏايائين ۽ اُن ۾ باغ بہ پوکايائين. ناصر خسرو، سن 437ھہ/1046ع ۾ غزنوي خاندان جي جاءِ نشين، ايران جي سلجوق خاندان جي حاڪم، سلطان تغرل بيگ جي حڪومت ۾ بہ ساڳئي عهدي تي فائز رهيو. ان کانپوءِ خراسان جي امير، جھانگير بيگ وٽ پڻ ساڳئي عهدي تي رهيو.
انهن ئي ڏينهن ۾ سندس ملاقات اسماعيلي عقيدي جي هڪ وڏي عالم ۽ داعي، مـُعي في الدين الشيرازي (1000ع-1078ع) سان ٿي ۽ اُن داعيءَ سان گڏ هو فاطمي خلافت جي مرڪزي شھر ’القاهره‘ پهتو ۽ اُتي مصر جي اٺين فاطمي خليفي ۽ اسماعيلي عقيدي جي ارڙهين امام سيدنا مستنصربالله (1035ع-1094ع) جي درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽ امام مستنصربالله جي تعليم طرف مائل ٿيو. هو ٽي سال امام مستنصربالله جي درٻار ۾ موجود رهيو. انهيءَ عرصي دوران، هن بزرگ کي اسماعيلي فڪر جي دعوت ڏيڻ جي تعليم ڏني وئي.
انهيءَ زماني ۾ کيس بيت ﷲ'>حج بيت ﷲ جي بشارت نصيب ٿي ۽ پوءِ هن حج ۽ مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره جي زيارتن تي وڃڻ جي تياري ڪئي. انهن پاڪ زيارتن ڏانهن ويندي 19000 ڪلوميٽرن جو فاصلو طي ڪرڻ ۾ کيس ست سال (يعني 1046ع-1052ع تائين) لڳي ويا. پنھنجي انهيءَ سفر کي هن پنھنجي مشھور سفرنامي ۾ قلمبند ڪيو آهي. جيڪو ڪتاب يارهين صديءَ عيسويءَ جي مسلم رياستن کانسواءِ، اسماعيلي طريقي جي دعوت جي بيان جي باري ۾ اڄ بہ مستند تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو.
هن کي اسماعيلي دعوت جي سلسلي ۾ جيڪي مشڪلاتون درپيش آيون ۽ جيڪي اذيتون سهڻيون پئيون، اُنهن جو ذڪر بہ پنھنجي هن سفرنامي ۾ ڪيو اٿس. سندس سفرنامي جي اهم خوبي اها بہ آهي تہ اُن ۾ ڪم آندل ٻوليءَ، اُسلوب بيان ۽ عبارت آرائي اهڙي آهي، جو لڳ ڀڳ هڪ هزار سالن جي وڏي عرصي گذري وڃڻ جي باوجود، فارسي ٻوليءَ جا ڄاڻو اهو سفرنامو آسانيءَ سان پڙهي سگهن ٿا.
هن بزرگ چار ڀيرا بيت ﷲ'>حج بيت ﷲ شريف جي سعادت حاصل ڪئي ۽ اُتي ارڪانِ اسلام جي ادائگيءَ ۾ گهڻو پرجوش رهيو.
سندس سوانح نگار لکن ٿا تہ: ”هو سن 1050ع ڌاري قاهره ڇڏي حجاز ويو، اُتان ايراني نار واري علائقي ۾ ڪجهہ عرصو رهڻ کانپوءِ عراق هليو ويو، جتان سن 1060ع ۾ پنھنجي وطن بلخ ۾ پنھنجي رهائش گاھہ تي واپس پهتو. سن 1060ع ۾ سندس علائقي جي ڪن سني عالمن کيس ڪافر (Heretic) قرار ڏنو ۽ سندس ڳوٺ وارو گهر تباھہ ۽ برباد ڪري ڇڏيو. کيس قتل ڪرڻ جي ڌمڪي بہ ڏنائون. انهيءَ ڪري هو اُتان نڪري هندوڪش جبلن جي اُتر-اوڀر طرف تاجڪستان جي بدخشان صوبي جي پهاڙي علائقي ۾ اَمو درياھہ (Oxus River) جي شاخ تي آباد بستيءَ ’يمگان‘ ۾ آيو ۽ اُتي ئي قيام ڪيائين.“ مورخن جي راءِ موجب اُتي ئي سن 1090ع (ڪي 1088ع بہ لکن ٿا) ۾ پنهنجو دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيائين. پوءِ اُتي ئي فيض آباد جي ويجهو ’جرم‘ نالي بستيءَ ۾ هڪ پهاڙيءَ تي سندس مقبرو تعمير ڪرايو ويو. تاجڪستان جي بدخشان صوبي، افغانستان جي واخان پٽيءَ ۽ اُترين علائقن ۾ سندس مريد ۽ معتقد کيس احترام وچان ’پير‘، يا ’شاھہ سيد‘ جي لقب سان سڏيندا آهن. سندس مقبري کي هن علائقي ۾ ’حضرت سيد‘ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي.
يمگان ۾ رهائش واري زماني ۾ هن، موجودہ پاڪستان جي اُترين علائقن گلگت، هنز، نگر، بالتت، چترال، ياسين، اشڪومن واري سرحدي خطي کانسواءِ، واخان پٽيءَ ۽ تاجڪستان ۾ سون جي تعداد ۾ ڳوٺن ۽ بستين ۾ اسماعيلي فڪر جي دعوت ڏني. هن وقت بہ اُتر- اولھہ چترال ۾ ’شڪوھہ‘ نالي بستيءَ کانسواءِ ’ياسين‘ ۽ تاجڪستان ۾ هن بزرگ جا آستان موجود آهن، جتي پاڻ دعوت واري سفر دوران قيام ڪيو هئائين. اهي مقام اڄ بہ سندس پوئلڳن ۽ معتقدن لاءِ زيارت جا آماجگاھہ آهن.
گلگت-بلتستان جو گورنر، پير ڪرم علي شاھہ، سيدنا پير ناصر خسرو جي ياسين واري آستان جي سجادہ نشين جو اولاد آهي ۽ هن وقت پير ناصر خسروءَ جي ياسين واري آستان جو سجادہ نشين آهي.
پير ناصر خسرو، شاعر ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو. شاعريءَ ۾ سندس ديوان 15000 شعرن تي مشتمل آهي. سندس شاعري، مناقب، نعت ۽ حمد و ثنا تي مشتمل آهي. سندن ديوان کي انگريزي زبان ۾ پي.ايل ولسن ۽ جي.آر آڏواڻيءَ 1977ع ۾ ترجمو ڪيو هو. ديوان کانسواءِ سندس هيٺ ڄاڻايل ڪتاب، علمي، ادبي، سائنسي ۽ ديني موضوعن تي دنيا ۾ وڏو مقام رکن ٿا. سندس انهيءَ علمي خدمت جي ڪري کيس ’حڪيم‘ جي لقب جي اعزاز سان نوازيو ويو.
(1) سفرنامه (Travelogue)
(2) گئسائش و رهايش (Unfettering and Free Settling)
(3) جامع الحڪمتين (Uniting The Two Wisdoms)
(4) خوان الاخوان (The Feast of The Brethren)
(5) شش فصل (Six Chapters, i.e. The Prose Rawshanai-Nama)
(6) عجائب الحساب و عزائب الحساب
(7) وَجهہ الدين (The Face of Religion)
(8) زاد المسافرين (The Pilgrims Provisions)
(9) روشنائي نامہ (The Book in Enlightment)
(10) سعادت نامہ (The Book of Happiness)
آخر ۾ سندس شاعريءَ جو نمونو بہ پيس ڪجي ٿو:
نشيده اي که زير چناري کدو بني،
بررست وبردويد برو بر بہ روز بيست؟
پر سيد از آن چنار که تو چند ساله اي
گفتا دويست باشد و اکنون زيادتي است.
خنديد از و کدو که من از تو بہ بيست روز،
برتر شدم بگو تو که اين کاهلي ز چيست.
اورا چنار گفت که امروز اي کدو،
باتو مرا هنوز نہ هنگام داوري است.
فردا که برمن وتو وزد باد مهرگان
آنگه شود پديد که از ما دو مرد کِست.
سندس ديوان ڪيترن ئي موضوعن ۽ مضمونن تي مشتمل آهي. اُنهن مان ڪي مضمون هي آهن:
نعت، حمد و ثنا، فضائل اهلِ بيت، مناقب، اطاعت امام، دنيا، نيڪ اعمال ۽ نيڪ اعمالن طرف رهنمائي، دين ۽ علمِ دين، دنيا ۽ حقيق، دنيا جي ثباتي، علم ۽ اُن جي فضيلت، تحقير دنيا، دين تي عمل ڪرڻ جون نصيحتون، زمانو، زندگي، عبادت، تقوى، شيطان کان دور رهڻ ۽ صراط المستقيم جي باري ۾.


هن صفحي کي شيئر ڪريو