پير محمد ابراهيم خليل جان سرهندي

پير محمد ابراهيم ’خليل‘ جان سرهندي: هيءُ بزرگ، محمد اسماعيل جان جو ٻيو نمبر فرزند، محمد حسين جان سرهنديءَ جو پوٽو، خواجہ محمد حسن جان جو ڏوهٽو هو. رمضان المبارڪ 1334ھہ/1915ع ۾ جنم ورتائين. ننڍپڻ ۾ پنھنجي والد ۽ ڏاڏي کان عربي، فارسي، سنڌي ۽ فقھہ جي تعليم حاصل ڪيائين. سنڌي چوٿين درجي کان پوءِ سنڌ مدرسة الاسلام ڪـراچـيءَ ۾ انگـريـزي پـڙهـڻ لاءِ داخـل ٿيـو. نهايت ذهيـن هو، جلد ئي کيس انگريزي تعليم ترڪ ڪرائي واپس ڳوٺ آندو ويو، بعد ۾ ’طبيه ڪاليج دهليءَ‘ ۾ داخل ٿيو، جتان چند سالن بعد سند يافتہ ٿي واپس وطن ڏانهن وريو. سنڌ پهچڻ شرط ساماري شھر ۾ ’گلزار خليل‘ نالي هڪ مدرسي جو بنياد رکيائين. تعليم سان گڏ پنھنجي مسلڪ جو پرچار بہ جاري رکيائين. سائين جي .ايم. سيد جي ڪتاب ”جيئن ڏٺو مون“ جي جواب ۾ سطحي تنقيد تي مشتمل ڪتاب ”سنڌ سونهاري“ لکيائين. هن حديث ۾ سنڌ ۽ هند جي ڪيترن عالمن کان سندون حاصل ڪيون. شاعري بہ ڪيائين، شاعريءَ ۾ سندس تخلص ”خليل“ هو. پير محمد ابراهيم خليل جا ڪجهہ ڪتاب بہ تصنيف ٿيل آهن ۽ سنڌ ۾ سندس هزارين مريد آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1915.00.00  عيسوي

پير محمد ابراهيم خليل جان سرهندي رمضان المبارڪ 1334هه/1915ع ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪيرت مھرچنداڻي
اسحاق مڱريو
زھرہ شيرازي
عبدالله خطاط
جيلاني شيخ عبدالقادر
احسان دانش ڊاڪٽر
دلشاد بيگم مرزا
امرت خان
ڪميل نانجياڻي
امداد علي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون