پير علي بخش شاھہ علڻ ڀٽائي

پير علي بخش شاھہ ’علڻ ‘ ڀٽائي: پير علي بخش شاھہ عرف علڻ سائين ولد پير لطف علي شاھہ ، ڀٽ شاھہ جو رهاڪو هو . سندس نسب جو سلسلو حضرت امام موسيٰ ڪاظم عليہ السّلام سان ملي ٿو ، سندس مسند نشيني 1899ع/1900ع ۾ ٿي ، ابتدائي تعليم بعد فارسيءَ ۾ بہ چڱي مهارت حاصل ڪيائين . پاڻ نهايت بااخلاق ، باتهذيب ۽ فقير صورت هو ، ننڍي هوندي کان ئي فقيريءَ ڏي لاڙو رکندڙ هو . هن جا رات ۽ ڏينهن خاص عبادت الاهي لاءِ وقف ڪيل هئا ، هر جمعي جي رات ، شاھہ جي راڳيندڙ فقيرن سان گڏ پاڻ بہ راڳ ڳائيندو هو .
سندس وصال 14 محرم 1352ھہ/ 18 مئي 1933ع ۾ ٿيو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.05.18  عيسوي

پير علي بخش شاهه جو وصال 14 محرم 1352هه/ 18 مئي 1933ع ۾ ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀاٽيا جهامنداس پروفيسر
ڀٽي رشيد
بخاري جمال الدين
ڊبليو ايڇ مورلينڊ
آصف رزاق مھر
ديوي ٻائي هاسو مل
پير موسيٰ نواب
هري لال ڀاڳيا
بيکارام ديوراجاڻي ڊاڪٽر
گلڻ فقير جکراڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون