پير عبدالرحمان

پير عبدالرحمان: وڏو مذهبي عالم ۽ پاڪستان جي تحريڪ جو اڳواڻ، پير عبدالرحمان 1892ع ڌاري ڀرچونڊي شريف، ضلعي سکر ۾ پيدا ٿيو. قرآن پاڪ جي تحصيل کان پوءِ مولانا سراج احمد خانپوريءَ کان نحو ۽ فقھ جا ڪتاب پڙهيائين. باقي تعليم ميانواليءَ جي مولانا عبدالڪريم کان حاصل ڪيائين. هن انگريزن خلاف تحريڪ ۾ هر ممڪن حصو ورتو. سندس ڏاڏو حافظ محمد صديق علمي بصيرت رکندڙ برک عالم هو، جنهن وٽان مولانا تاج محمود امروٽيءَ ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جهڙن بزرگن بہ فيض حاصل ڪيو هو. ان ڪري هن بہ 1925ع ۾ مسند نشينيءَ کان پوءِ سنڌ جي سڀني وڏن شهرن ۾ وعظ ڪري اسلامي تعليم پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي. ان مقصد لاءِ هن علي محمد شاھہ راشدي'>پير علي محمد شاھہ راشدي، جي. ايم. سيد، خان بھادر محمد ايوب کهڙي ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ سان بہ ملاقات ڪئي. 17 اپريل 1946ع تي آل انڊيا سُني ڪانفرنس بنارس ۾ منعقد ٿي تہ ان ۾ پنھنجي 150 مريدن سان گڏ شرڪت ڪيائين. مسجد منزل گاھہ سکر واري واقعي ۾ ڀرپور حصو ورتائين ۽ ان سلسلي ۾ گرفتار بہ ٿيو هو.
پير عبدالرحمان 30 اپريل 1960ع تي وفات ڪئي.


لفظ پير عبدالرحمانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1892.00.00  عيسوي

پير عبدالرحمان 1892ع ڌاري ڀرچونڊي شريف ضلعي سکر ۾ پيدا ٿيو


1960.04.30  عيسوي

پير عبدالرحمان 30 اپريل 1960ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جانڻ فقير
پير سومرو2
جانش بھادر ۽ جان بيگ
ٽوانا
گلو فقير مياڻو
عبدالله بن عمر هباري
خفيف II
خواجہ باقي بالله
تاج بانو براهوئي
ثاقب منگي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون