پير شاهه مراد

پير، شاهه مراد: پير شاهه مراد جو اصل نالو سيد محمد حسين شيرازي هو. هن 831هه/ 1427ع ڌاري جنم ورتو. هن جي ڄمڻ وقت سنڌ جو حڪمران ڄام سڪندر سمون هو. هن لاءِ روايتون آهن ته ڄمڻ بعد هن اکيون نٿي کوليون، نيٺ شيخ عيسيٰ جي اچڻ بعد اکيون کُليس. اڳتي هلي هن شيخ صدرالدين ۽ شيخ عيسيٰ جي صحبت ۾ وقت گذاريو. هن جي هوندي سيد علي ثاني ڄائو ۽ هن کيس وڏي ڄمار جي دعا ڪئي هئس. هن ڪيترائي چِلا ڪٽيا ۽ رياضتون ڪيون ۽ معرف کان ٿيندي حقيقت جي منزل کي رسيو. هيءُ 62 سالن جي ڄمار ۾ 883 هه مطابق 1478ع ۾ وفات ڪري ويو. هن نيڪ بخت جي جنازي جي نماز تڏهوڪي سنڌ جي حڪمران ڄام نندي پڙهائي. هيءُ شيرازين جي قبرستان مڪليءَ ۾ دفن ٿيل آهي.


لفظ پير شاهه مرادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1427.00.00  عيسوي

پير شاهه مراد 831هه/ 1427ع ڌاري جنم ورتو


1478.00.00  عيسوي

پير شاهه مراد 62 سالن جي ڄمار ۾ 883 هه مطابق 1478ع ۾ وفات ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عمرو بن محمد بن قاسم
شهداد خان کوسو
حڪيم عبدالرئوف
جاريه بن قدامرضه
پرمانند هرداس مل
راج پٽ چندر برهمڻ
شاهه محمد
اويس قرنيِ حضرت
حافظ محمد موسيٰ ڀٽو
شاهنواز خان ٽالپر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون