پير سرهيو

پير سرهيو: هي پٿري اوزار ٺاهڻ واري ماڳ طور سڃاتل هنڌ ڪوٽڏجي ٽڪرين جي دامن ضلعي خيرپور ۾ موجود آهي. سنڌ ۾ هيل تائين دريافت ٿيل پٿر جي دورن جي سڀني ماڳن مان پراڻي ۾ پراڻو ليکيو وڃي ٿو. هي ماڳ ڪوٽڏجيءَ وارين ٽڪرين ۾ ڄڻ ڪاڇو آهي. هي زمينون اڄڪلھہ پوکيءَ هيٺ آهن. پير سرهيي جي درگاھہ وٽ ايڪڙ کن ايراضيءَ ۾ سنڌ جا ابتدائي اوزار مليا آهن. اهي ماڳ تي ٽڙيل پکڙيل صورت ۾ ملن ٿا. عام طور اهي روڊ جا ٽٽل گول پٿر (Pebbles) لڳندا آهن، پر ٿورو ڌيان ڏبو تہ قديم انسان جي اوزارن ٺاهڻ جي پهرين ڪوشش نظر ايندي. هڪ اندازي موجب هي ماڳ ڏھہ هزار سال پراڻو ٿي سگهي ٿو. هي اوزار سوات ۽ پوٺوهار جي اوائلي پٿر جي اوزارن جا همعصر آهن. هن ماڳ وٽان سنڌو تھذيب جا اوزار خاص ڪري پٿر جون ڇريون بہ ملن ٿيون.


لفظ پير سرهيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو