پير زين العابدين شاھہ ’زينل ‘:پير سيد زين العابدين شاھہ جيلاني ولد حاجي شاھہ، ڳوٺ نورائي شريف، ضلعي حيدرآباد (هاڻي ٽنڊي محمد خان) ۾ 14 شوال 1321ھہ مطابق 2 جنوري 1904ع تي پيدا ٿيو. روايت آهي تہ زين العابدين شاھہ جي ولادت ۽ ولايت جي بشارت سندس والد کي هڪ ﷲ لوڪ درويش ڏني هئي. پير صاحب اٽڪل 12 سال گنجي ٽڪر جي غارن ۾ ﷲ تعاليٰ جي عبادت ۾ گذاريو ۽ دنيا جي ماڻهن سان گفتگو بند ڪري خاموشي اختيار ڪيائين، ان خاموشيءَ کي ٽوڙڻ لاءِ سندس والد کيس ڪيترن درويشن ۽ اوليائن وٽ وٺي ويو، ڪيترن حڪيمن کي ڏيکاريائين، پر ڪو فائدو نہ ٿيو، پوءِ کيس اوٽي شريف جي بزرگن وٽ وٺي ويو، جتي سندس خاموشي ٽٽي. وٽس هر وقت محفل ميلاد برپا هوندي هئي. زين العابدين شاھہ سال 1956ع ۾ بغداد شريف ويو، جتي حضرت غوث الاعظم عبدالقادر جيلانيءَ جي درگاھہ جي زيارت سان گڏ حضور ڪريم جن جي وار مبارڪ جي زيارت ڪيائين، حج ڪيائين ۽ گهڻو وقت مديني پاڪ ۾ روضي مبارڪ سامهون ويهي صلواة و سلام ۽ ذڪر اذڪار ڪندو هو. پنھنجي زندگيءَ ۾ بي انداز شعر چيائين، سندس سنڌي، بلوچي، سرائيڪي، اردو، انگريزي، فارسي، عربي ٻولين ۾ شاعري موجود آهي. آخر تائين حق جي تلقين ڪندو رهيو ۽ 13 محرم 1396ھہ/ 29 جنوري 1975ع تي وفات ڪيائين.
1904.01.02 عيسوي
پير سيد زين العابدين شاهه جيلاني ضلعي حيدرآباد ۾ 14 شوال 1321هه مطابق 2 جنوري 1904ع تي پيدا ٿيو
1975.01.29 عيسوي
پير سيد زين العابدين شاهه جيلاني 13 محرم 1396هه/ 29 جنوري 1975ع تي وفات ڪيائين