پير راڄن شاھہ جي مزار

پير راڄن شاھہ جي مزار: چوهڙ جمالي تعلقي سجاول جي ويجهو ابن شاھہ جي ٽڪرن جي ڀر ۾ هڪ ٻئي ٽڪر تي، پير راڄن شاھہ جو روضو آهي، هي بزرگ شاھہ عبيدالله ملتاني غوثيءَ جي اولاد مان هو. هيءَ قبر اول ديھہ راڄن، ۾ هئي، جتان درياھہ جي اٿل جي ڪري منتقل ڪري موجودہ هنڌ رکيو ويو، پير راڄن شاھہ وڏو ولي ٿي گذريو آهي. ڪڪرالي جا ڪجهہ ڄام سندس ئي تبليغ هيٺ اسلام ۾ داخل ٿيا هئا، اهي سڀئي درگاھہ جا مريد آهن ۽ پير صاحب جي اولاد مان گهڻن کي پنهنجين نياڻين جا سڱ بہ ڏنا اٿن، انهن ڄامن جي اسلام ۾ اچڻ ۽ پير صاحب جي مريديءَ ۾ داخل ٿيڻ بابت عام روايت آهي تہ: ڄامن جي وڏن ڏاڏن مان ڄام گنگا ڪيهر، ڪڪرالي جو حاڪم هو، هي ڄام راڄن شاھہ جي ڪرامت کان متاثر ٿي، سندس مُريد ٿيو ۽ پوءِ سڀئي ڪيهر سندس مريد ٿيا، پير راڄن شاھہ هڪ وڏو شاعر بہ هو، سندس سينگار جا بيت لغوي ذخيري، زبان جي لطافت ۽ شاعرانه خوبين جي ڪري مشھور آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو