پير حسين شاهه راشدي

پير حسين شاهه راشدي

پير حسين شاھہ راشدي

پير حسين شاھہ راشدي: مشھور قانوندان ۽ سينيٽ جو اڳوڻو ميمبر حسين شاھہ راشدي 15 جنوري 1938ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ بھمڻ ۾ سنڌ جي هڪ معزز علمي ۽ روحاني راشدي خاندان ۾ پيدا ٿيو. پير علي محمد راشدي سندن والد ۽ پير حسام الدين راشدي سندس چاچو هو. سنڌ مسلم آرٽس ڪاليج مان گرئجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ قانون ۽ ان جي اصولن جي اعليٰ تعليم لاءِ سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچي ۾ داخل ٿيو ۽ 1953ع ۾ ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪيائين، پير صاحب آئيني ۽ فوجداري قانونن کان واقف ۽ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جو وڪيل هو. ادب، صحافت، معاشرتي ۽ ثقافتي ڪمن سان لڳاءُ جي ڪري سنڌ جي ڪيترن اردو، سنڌي ۽ انگريزي رسالن ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ موجودہ حالتن تي ڪالم لکيائين. 1983ع کان 1984ع تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ائسوسيئيشن جو نائب صدر ٿي رهيو. 1994ع کان 1996ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين رهيو ۽ 1994ع کان 2000ع تائين سينيٽ جو ميمبر ٿي رهيو، جنهن ۾ هيٺين ڪميٽين جو ميمبر رهيو: (1) ثقافت، راندين، سياحت ۽ عورتن جي ڊولپمينٽ وارو کاتو، (2) قانون ۽ پارليامينٽري افيئرز، (3) انفارميشن ۽ براڊ ڪاسٽنگ، (4) ايجوڪيشن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيڪل ۽ ريسرچ.
ان کان سواءِ بہ حسين شاھہ راشدي پاڪستان جي ڪيترن ئي اهم ادارن جو ميمبر رهيو، جن ۾: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سچل چيئر، شاھہ عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽي خيرپور، يونيورسٽي آف ڪراچي، بورڊ آف گورنرس نيشنل ڪميشن هسٽري اينڊ ڪلچر، پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس وغيره، جڏهن تہ نيشنل لئنگئيج اٿارٽي، اسلام آباد جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر بہ رهيو. حسين شاھہ راشدي 1960ع ۾ فلپائن ۾ منعقد يونيسڪو جي تعليمي ڪانفرنس ۽ پوءِ 1989ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ ان کان سواءِ هُن لڳ ڀڳ ويهن مُلڪن جا دورا ڪيا. هن دل بيهڻ سبب 15 اپريل 2007ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاھہ ڪراچيءَ جي ميوا شاھہ قبرستان ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.01.15  عيسوي

پير حسين شاهه راشدي 15 جنوري 1938ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ بهمڻ ۾ جنم ورتو


2007.04.15  عيسوي

پير حسين شاهه راشدي دل بيهڻ سبب 15 اپريل 2007ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جارج-6
خالد وسير
شيخ عبدالحفيظ ڊاڪٽر
شمشير خان اوزبڪ
سوامي تلوڪداس
ليو ٽالسٽاءِ
ڄام راول
قاضي پاٽائي شفيع محمد
غلام سرور عباسي
ابڙو عبدالڪريم چشتي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون