پير حاجي چڙاري جو مقبرو

پير حاجي چڙاري جو مقبرو: ميرن جي صاحبيءَ جو هي مقبرو ڳوٺ ۽ ديھه سينڌل ڪمال، تعلقي دولتپور، ضلعي نواب شاھہ (هاڻي بينظيرآباد) ۾ واقع آهي. هن جي ڏکڻ ۾ ھڪ ڪلو ميٽر تي لاکاٽ جو تاريخي ڳوٺ آهي، جتي مغل دؤر ۾ وڏيون چڪريون ٿيون هيون. اهو تاريخي ڳوٺ ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ ضيائي آمريت وقت بمباري ڪري تباھہ ڪيو ويو هو. هن دڙي جي اولھہ ۾ 300 ميٽرن تي بچاءُ بند ۽ اتر- اوڀر ۾ ھڪ ڪلو ميٽر تي قاضي احمد جو شھر آهي. هي ماڳ اتر ڊگهائي ڦاڪ 260 17' 20" ۽ اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾ 680 02' 10" ڊگرين تي موجود آھي. هي مقبرو ڊيگهہ ۾ 80 . 4 ميٽر، ويڪر ۾ 80 . 4 ميٽر ۽ اوچائيءَ ۾ 7 ميٽر ماپ جو آھي. اڏاوت ۾ پڪيون سرون، گل گارو، گچ گارو ۽ چن استعمال ٿيل آھي. مقبرو چوڪنڊو رٿيل آھي. نوڪدار ونگ سان ڏکڻ ۾ دروازو ۽ ان کان اڳ ۾ نوڪدار ونگائون ٻاھر تي نڪتل جارو، پاسن ۾ بہ مستطيل نموني بند جارا ٺھيل آھن. گنبذ اڌ گول وانگر مٿان ڪنول جو ابتو گل، (مھا پدما) ۽ ڪلس ڏنل، جنھن تي ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل ڏسجي ٿو. گنبذ جي ھيٺان ۽ ڇت جي مٿان ڳِچُ (drum) اٺ ڪنڊو آھي. مھاڙيءَ ۾ پٽي ۽ اولاھينءَ ڀت تي ٻہ ڊگهيون اڻيون (pinnacles) ٺھيل آھن. ڳچ جي ھر ڪنڊ تي ھڪ ڊگهو ڪنگرو ٺھيل آھي. گنبذ ميان نورمحمد ڪلھوڙي جي مقبري تي ٺھيل گنبذ جهڙو آھي. مقبرو ٻاھران توڙي اندران چن سان پلستر ٿيل آھي. اندر پانيلن سان جارا ٺھيل آھن. اتر ، اوڀر ۽ اولھہ واري ڀت تي محراب وانگر اندرئين طرف جارا ٺھيل آھن. اندرئين حصي ۾ مقبرو چوڪنڊو آھي. ڪنڊن وٽ ڪنڊ- جوڙون (squinches) ٺاھي، انهن تي اٺڪنڊو ڳچ ٺاھي گنبذ رکيو ويو آھي. اندر صرف پير حاجي چراڙ بزرگ جي ھڪ مزار آھي. ھن وقت مقبري جي حالت بلڪل ٺيڪ آھي، جو مقامي ماڻھو ان جي مرمت ڪرائيندا رھن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو