پير حاجي اسماعيل: ضلعي دادوءَ جي پاٽ شھر جي اوڀر ۾ پراڻن دڙن تي، پاٽ پراڻيءَ جي قديم قبرستان ۾ پير حاجي اسماعيل جي مشھور درگاھہ آهي. مزار مٿان مقبرو اڏيل آهي. جيڪو وقت بہ وقت مرمت ٿيڻ ڪري مقبري جي قدامت بابت ڪجهہ چئي نٿو سگهجي. هن درگاھہ تي ديني جلسو ٿيندو آهي، جتي عالم سڳورا واعظ ڪرڻ فرمائيندا آهن. ان کان علاوہ مولودن جي مجلس بہ ٿيندي آهي. حاجي اسماعيل 7 هجري/13 عيسوي صديءَ جو هڪ بزرگ ٿي گذريو آهي. هن بزرگ جي نالي سان پاٽ ۾ هڪ ڍنڍ پڻ آهي، جا ضلعي دادوءَ ۾ پراڻي بچاءَ بند ۽ نئين بچاءَ بند جي وچ تي آهي. پير حاجي اسماعيل جي ڏکڻ ۾ پير ناصر شاھہ جي درگاھہ آهي. پير اسماعيل پنهور لاءِ مشھور آهي تہ قلندر لال وٽس ڪچهريءَ لاءِ ايندو هو.
پير حاجي اسماعيل پنهور جو مقبرو ۽ قبرستان 26057'32" ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67052'55" ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي دادو تعلقي جي تاريخي ڳوٺ پاٽ شريف ۾ موجود آهي. مقبرو پاٽ شھر جي اوڀر- اتر ۾ آهي جتان سيتا وليج لاءِ ديھہ روڊ نڪري ٿو. پاٽ جا اهي دڙا جن تي مقبرو اڏيل آهي، اهي قديم آثارن ۾ شمار ٿين ٿا. اتي ڪجهہ ڪچا گهر بہ اڏيل هئا، پر گهڻي سم ۽ ڪلر سبب ڊهي پيا آهن، جن جا نشان موجود آهن هي قبرستان مقبري سميت ٻن ايڪڙن تي ڦهليل آهي ۽ قبرستان لاءِ اندازو آهي تہ اهو ستين صدي هجري ڌاري جو آهي.