پير جو ڳوٺ: پير جو ڳوٺ خيرپور شھر کان اولھہ طرف اٽڪل ٻارهن ميلن جي مفاصلي تي پير صاحبن پاڳارن جو ڳوٺ آهي. هتي حضرت روضي ڌڻي راشد سائينءَ جو مقبرو آهي. جتي 27 رجب ۽ عيدن جي موقعي تي پير صاحب پاڳاري جي مريدن جا وڏا اجتماع ٿيندا آهن. موجودہ پير صاحب پاڳاري سيد سڪندر علي شاھہ جي رهائش پير ڳوٺ ۾ آهي ۽ پاڻ هر سال مٿين اهم موقعن تي مريدن کي خانداني تاج ويس پائي ديدار ڪرائيندو آهي ۽ کين مذهبي، اخلاقي ۽ سماجي مسئلن بابت هدايتون ڏيندو آهي. هي شھر واپار جو وڏو مرڪز آهي. هتي ’جامعہ راشديه‘ نالي هڪ وڏي لائبريري آهي، جنهن ۾ پير صاحب نہ رڳو پنهنجا اڪثر ڪتاب رکيا آهن، پر هر سال وڏي تعداد ۾ نوان ڪتاب خريد ڪرائي، هن لائبريري ۾ رکائيندو آهي ۽ لائبريريءَ جو سڄو خرچ پاڻ ڀريندو آهي.