پير جعفر علي شاھہ: نامور حڪيم ۽ عالم پير جعفر علي شاھہ، 18 ڊسمبر 1904ع تي ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ ’ڪنڊي‘ ۾ سنڌي ناليواري بزرگ ۽ حڪيم پير غلام نبي شاھہ راشديءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي سنڌي ۽ فارسيءَ جي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. 1924ع ڌاري سندس والد وفات ڪئي، والد جي وفات کانپوءِ کيس زمينداريءَ جي ذميواري سونپي وئي. ان وقت انگريزن جي حڪومت هئي 1921ع ۾ پير پاڳاري شاھہ مردان شاھہ اول جي وفات کانپوءِ صبغت ﷲ شاھہ راشدي (سورهيه بادشاھہ) پاڳارو بڻيو تہ راشدي خاندان بہ انگريز حڪومت جي سخت خلاف ٿي ويو.
پير جعفر شاھہ علائقي جو معزز هئڻ ڪري ڪافي انگريز آفيسر سندس عزت ڪندا هئا، پر پير جعفر انگريزن کان ڪنارہ ڪشي ڪئي. پير جعفر ٽنڊي الهيار ۾ ريلوي اسٽيشن ماسٽر کان انگريزي سکي. ان وقت سورهيه بادشاھہ تي غير قانوني هٿيار رکڻ جا ڪيس هلي رهيا هئا ۽ کين گرفتار ڪري رتناگيري جيل ۾ رکيو ويو هو. پير جعفر سورهيه بادشاھہ جي آزاديءَ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو. انهن ڪوششن جو ذڪر سورهيه بادشاھہ جي خطن ۾ بہ ملي ٿو.
پير جعفر روزگار خاطر پهرين تلهار، بعد ۾ ڳوٺ ٻنگار لڳ پنگريي شھر ۾ رهائش اختيار ڪئي. پير جعفر علي زمينداري ۽ حڪمت ڪري ماڻهن جي ڪافي خدمت ڪئي. 1941ع ڌاري حر تحريڪ ۾ پير جعفر کي اهم ذميواريون سونپيون ويون. 20 مارچ 1943ع ۾ سورهيه بادشاھہ جي شهادت کانپوءِ انگريز سرڪار پير جعفر عليءَ جي گرفتاري لاءِ پوليس ذريعي ڪافي ڇاپا هنيا، پر پاڻ درگاھہ اجمير شريف هليو ويو. بعد ۾ اجمير کان سنڌ موٽي
پير جعفر جي حڪمت جي هاڪ ڪافي علائقن تائين هئي. هي نہ رڳو هڪ حاذق حڪيم ۽ عالم هو، پر هڪ بھترين امين ۽ منصف بہ هو.
پير جعفر 6 مارچ 1971ع تي جهڏي ۾ وفات ڪئي.
1904.12.18 عيسوي
امور حڪيم ۽ عالم پير جعفر علي شاهه، 18 ڊسمبر 1904ع تي ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ ’ڪنڊي‘ ۾ سنڌي ناليواري بزرگ ۽ حڪيم پير غلام نبي شاهه راشديءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.
1943.03.20 عيسوي
20 مارچ 1943ع ۾ سورهيه بادشاهه جي شهادت کانپوءِ انگريز سرڪار پير جعفر عليءَ جي گرفتاري لاءِ پوليس ذريعي ڪافي ڇاپا هنيا، پر پاڻ درگاهه اجمير شريف هليو ويو. بعد ۾ اجمير کان سنڌ موٽي
1971.03.06 عيسوي
پير جعفر 6 مارچ 1971ع تي جهڏي ۾ وفات ڪئي.