پير ترهو رعيَتي

پير ترهو رعيَتي: پير ترهو رعيتي، دادو تعلقي جي ديھہ آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ آباد آهن:
فتح پور، الھہ آباد، پيارو آرائين، شاڪي کيڙو، فيض محمد ملڪ، قاضي پير محمد، غلام چانڊيو، پير ترهو، حاجي بچل چانڊيو، قمبراڻين جا گهر، پنھون پنهور، رسول چانڊيو'>غلام رسول چانڊيو ۽ جمالي وليج. هن ديھہ ۾ ٽي ڳوٺ تمام اهم آهن. (1) پير ترهو ڳوٺ، جنهن ۾ بلاولي تحريڪ جي اهم شخصيت پير ترهي ۽ جلال کٽيءَ جون مزارون آهن. (2) ٻيو ڳوٺ فتح پور هو، جيڪو اصل تہ درياھہ ٻوڙي ڇڏيو، پر هن وقت نئون ڳوٺ ٻڌو ويو آهي. هي ڳوٺ ميرن جو ٻڌايل هو ۽ اُن جا پراڻا کنڊر موجود آهن. (3) ٽيون ڳوٺ غلام چانڊيو آهي، جتي سنڌ جو ناميارو شاعر استاد بخاري، ناميارو آرڪيالاجسٽ سيد حاڪم علي شاھہ، نامور شاعر جانڻ سونارو ۽ شجاع محمد سانوڻائي پيدا ٿيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو