پير بخاري سيد: بخاري سيد'>پير بخاري سيد جي باري ۾ روايت آهي تہ هي بزرگ ارڙهين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري جو آهي. بخاري سيد'>پير بخاري سيد جي درگاھہ دادو ضلعي جي ديھہ سونهيون بکراڻيءَ ۾ آهي. مزار مٿان مقبرو ٺهيل آهي. مقامي ماڻهو مزار تي حاضريون ڀريندا آهن. بخاري سيد'>پير بخاري سيد جي مزار تي هر ماھہ چوڏهين تاريخ تي جلسو ٿيندو آهي. علماء ڪرام وعظ ڪندا آهن ۽ مداحي مداحون ۽ مولود پيش ڪندا آهن.