پير بخاري جي درگاهه

پير بخاري جي درگاهه

پير بخاري

پير بخاري: پير بخاري دادو شھر ۾ پوليس هيڊ ڪوارٽر جي اوڀر ۽ ڏکڻ ڪنڊ ۽ اسٽيشن جي اولھہ طرف واري مقام ۾ مدفون آهي. 1947ع ۾ جڏهن پاڪستان ٺهيو تہ هندن ۽ مسلمانن جي لڏپلاڻ ٿي، تڏهن هندستان کان سيد حبيب شاھہ زيدي دادوءَ ۾ آيو، جيڪو خواجہ معين الدين چشتي اجميريءَ جو مريد هو. هو هر سال پنھنجي گهر اڳيان گهٽيءَ ۾ خواجہ اجميريءَ جو عرس ملهائيندو هو، جنهن ۾ پاڪستان جا مشھور قوال ايندا هئا ۽ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪندا هئا. حبيب شاھہ طرفان خواجہ اجميريءَ جي چادر، پير بخاريءَ جي مزار تي هر سال چاڙهي ويندي هئي. هن وقت پير بخاريءَ جو ميلو هر سال لڳندو آهي، جتي دڪاندار دوڪان سجائيندا آهن. چوڏول، ڦرڻيون، پينگها ۽ جهولا لڳايا ويندا آهن. هتي ملاکڙو بہ لڳندو آهي.


لفظ پير بخاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو