پير ابراهيم شاھہ، رام ٻاراهو

پير، ابراهيم شاھہ، رام ٻاراهو: پير ابراهيم سنڌ جو صوفي درويش ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. جيتوڻيڪ سندس شاعريءَ مان صرف هڪ وائي ئي هٿ آئي آهي، جيڪا ڪلهوڙن جي دور جي ٻوليءَ جي ساک ڀري ٿي. زبان جي رواني، تجنيس حرفي، عام فھم ٻولي ۽ ٻيون شاعراڻيون خوبيون هن وائيءَ ۾ نظر اچن ٿيون. پير ابراهيم شاھہ پنھنجي مرشد جي چوڻ تي اُچ شريف کي ڇڏي اچي سنڌ ۾ رهيو. سندس مقبري کي ”رام ٻاراهو“ بہ چوندا آهن، ڇاڪاڻ تہ رام ٻاراهي نالي هڪ هندوءَ سندن ڏاڍي خدمت ڪئي هئي، ان ڪري پاڻ کي ان جي نالي سان سڏائڻ لڳو. رام ٻاراهي جو مقبرو، تعلقي بدين ۾، مالهين جي دڙي کان پرڀرو آهي. قبو پڪين سرن سان اڏيل آهي، جنهن جو نمونو چؤنري جهڙو آهي. ائين پيو ڀانئجي تہ ڄڻ ڪنهن هندو درويش جي ڏيوري آهي. سرن جي ماپ ۽ ڪم آندل مصالحي مان ڪلهوڙن جي فنِ تعمير جو نمونو معلوم ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو