
پير آسات
پير آسات: هي ماڳ 1076ھه/1665ع جو چيو وڃي ٿو ۽ مڪلي (ضلعي ٺٽي) ۾ عبدلله شاھہ اصحابيءَ جي مزار جي ڏاکڻين اولاھين ڪنڊ تي، ضلعي ٺٽي ۾ آهي. پير آسات جي مزار، عبدالله شاھہ اصحابيءَ جي درگاھہ کان ڏکڻ- اولھہ ڪنڊ تي 50 قدمن تي ٿيندي. خانقاه جي عمارت ڊٺل آھي. اوڀر کان داخلي دروازو آھي. دروازو اتر ۾ ٿلھي تي آھي، جنھن تي ڪنھن وقت گنبذ نما ڇت ھئي، اُتي ھڪ پٿر جي قبر آھي، جنھن لا ءِ چيو وڃي ٿو تہ پير آسات جي مڱ جي قبر آھي، جنهن جي پيرن کان ھي ڪتبو لکيل آھي:
”بتاريخ چھار دھم
رجب 1076ھہ/1665ع عصمت پناھہ
دنباي (کذا) برحمت حق پيوست“
داخلي دروازي جي ڇتائين ڪوٺي ٽپي اولھہ واري ايوان ۾ پھچبو تہ پٿر جي ڪٽھڙي اندر پٿر جي قبر آھي، جنھن جي پيرانديءَ ۾ اڳ کٻڙ جو وڻ ھو، اھا قبر پير آسات جي چئي وڃي ٿي. قبر تي ڪو بہ ڪتبو نہ آھي.
انھيءَ قبر جي مٿيئن پاسي يعني اتر کان ننڍي ويران مسجد موجود آھي. پير آسات جي اولھہ ۾ چند قبرون آھن، جيڪي هن قبرستان جي احاطي اندر ھيون ۽ احاطي جي ديوار ڊھي وڃڻ سبب ھاڻي الڳ ٿي پيون آھن. ٻہ قبرون پٿر جون آھن، جنھن مان ھڪ تي ھي ڪتبو لکيل آھي.
تاريخ ھشتم شھر صفر 1079 ھہ/1668ع
برحمت حق پيوست.
ٻي قبر ٿوري وٿيرڪي آھي. لوڙھہ جي اوڀارين پھلوءَ جي مٿئين ڪناري تي هيٺين عبارت اڪريل آھي.
فاتحھ بروحِ آن معصومھ، کز لطف لله
يافت فردوس برين ماويٰ بحسن خاتمہ
سال تاريخ وفاتش از سر ايقان نوشت
”جاودان بازيب جنت در جوار فاطمہ“
پير آسات بابت پير حسام الدين 1090ھہ لکيو آھي تہ موجود روايتون عبدلله شاھہ اصحابيءَ جي مجاورن جون آھن. ان ڪري انھن جي صحت شڪي آھي.