پيرزادو واحد بخش عاشق

پيرزادو، واحد بخش ’عاشق ‘:واحد بخش ولد جمعو خان پيرزادو 2 مارچ 1896ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم ورنيڪيولر اسڪول- 2 مان حاصل ڪري، فائنل جو امتحان ورنيڪيولر 1 مان ڏنائين. 14 جولاءِ 1914ع کان پرائمري استاد جي حيثيت سان تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪيائين. واحدبخش ’عاشق‘ جو شمار شڪارپور جي بھترين استادن ۾ ٿئي ٿو، هتان جي ڪيترن ئي شاگرد سندن تعليم ۽ تربيت مان فائدو حاصل ڪري، وڏو نالو ڪمايو. سنڌ جو عظيم شاعر شيخ اياز بہ سندس شاگرد رهي چڪو آهي. واحد بخش ’عاشق‘ کي شاعريءَ جو شوق هو ۽ ڪيترو ڪلام چيائين. سندس ڪافي شاعري ماهوار رسالي ’سنڌو‘ ۾ بہ شايع ٿيل آهي. سنڌ جي مشھور شاعرن سان سندس دوستي هوندي هئي، جن ۾ مير علي نواز علوي، آخـونـد عبـدالقـادر ’بيـدل‘، شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ ۽ لطف ﷲ بدوي اهم آهن. هن جو ڪلام ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ جي ’سرسوتي‘ مخزن ۾ بہ ڇپيل آهي. هن نہ رڳو غزل جي صنف تي طبع آزمائي ڪئي، پر نظم بہ لکيا. استاد واحد بخش ’عاشق‘، 26 فيبروري سن 1984ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1896.03.02  عيسوي

واحد بخش پيرزادو 2 مارچ 1896ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو


1984.02.26  عيسوي

استاد واحد بخش عاشق 26 فيبروري سن 1984ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انيل دلپت
آلو فقير
شوڪت حسين شاھہ بابو شاھہ
خلجي رڪن الدين ابراهيم قدر خان
شھڪ ڏاڏو
بروهي عبدالحليم
قمر شھباز
عبدالرحمان پتافي ضيائي مولانا
آغا جعفر علي خان
جعفر بن يحيٰ بن خالد ابن برمڪي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون