پيرزادو سائل

پيرزادو سائل

پيرزادو سائل

پيرزادو ’سائل ‘:سائل پيرزادي جو پورو نالو غلام حسن ولد هادي بخش پيرزادو آهي. هن جي پيدائش سڪرنڊ ضلعي نواب شاھہ ۾ 1979ع ڌاري ٿي. تعليم ميٽرڪ اٿس. ان کان سواءِ اسٽاڪ اسسٽنٽ جو ٻہ سال ڪورس ڪرڻ بعد زرعي ڪاليج سڪرنڊ ۾ لائيو اسٽاڪ اسسٽنٽ طور ملازمت ڪري رهيو آهي. نئين ٽهيءَ جو سٺو شاعر آهي، سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ’سمنڊ ڪناري ڪوڏ‘ (2005ع) ڇپيل آهي. سندس ڪيترا ادبي ۽ تنقيدي مقالا ۽ ادبي اڀياس ادبي رسالن ۾ ڇپيل آهن. هو هن وقت سڪرنڊ ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1979.00.00  عيسوي

سائل پيرزادي جي پيدائش سڪرنڊ ضلعي نواب شاهه ۾ 1979ع ڌاري ٿي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابن الهيثم
بولچند راجپال
خانبهادر ولي محمد آفندي
شيخ عبدالعزيز
پير عبدالرحمان
حڪيم مير محمّد وفا لکوي
چانڊورام سَنت
راءِ نوگهڻ
قبول ابڙو
رحيم ڏنو فقير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون