پيرزادو   رحمت الله

پيرزادو رحمت الله

پيرزادو رحمت ﷲ

پيرزادو، رحمت : هن نوجوان شاعر جو نالو رحمت پيرزادو آهي ۽ گيت جي نامياري شاعر مير محمد پيرزادي جو فرزند آهي. هن پهرين فيبروري 1978ع تي سڪرنڊ، ضلعي نوابشاھہ (بينظيرآباد) ۾ جنم ورتو. تعليم ايم. ايس. سي (ايگريڪلچر انجنيئرنگ: 2008) ۽ ايم. اي (سنڌي: 2009) اٿس. هو واٽر مئنيجمينٽ ڊپارٽمينٽ ۾ واٽر مئنيجمينٽ آفيسر آهي. نوجوانن ۾ سٺو شاعر شمار ٿئي ٿو، جديد شاعريءَ بابت سندس ڪافي مقالا مهراڻ، امرتا ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. سندس شاعريءَ جا ٻہ مجموعا ’ڪليسا جي دريءَ مان‘ (2005ع) ۽ ”ڪئنڊل لائيٽ“ (نثري نظم: 2008) ڇپيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1978.02.01  عيسوي

رحمت الله پيرزادو پهرين فيبروري 1978ع تي سڪرنڊ ضلعي نوابشاهه ۾ جنم ورتو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آخوند محمد قاسم هالائي
تاج ٽکڙائي
غالب مرزا اسدالله خان
اسرار احمد علوي پروفيسر
علي گل سانگي
سعدي شيرازي
پروانو ميراجي
ساره شگفتہ
ايسر فقير
آدم هنڱورجو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون