پيراشوٽ

پيراشوٽ

پيراشوٽ

پيراشوٽ (Parachute): اڄـوڪـي دؤر ۾ پيراشـوٽ (ڇٽيءَ) جو استعمـال عـام ٿي چـڪـو آهي. ٻـي جنـگ عظيـم دوران پيـراشـوٽ کي تـمـام گهڻـو ڪم آندو ويو ۽ اڄ بہ پيراشوٽ کي ساڳي اهميت حاصل آهي. پيراشوٽ نہ رڳو جان بچائڻ جي ڪم اچي ٿي، پر ان وسيلي فوجي ٺڪاڻن تي گولا، بارود بہ وڏين پيتين ۾ وجهي اڇلايا ويندا آهن. ان کانسواءِ ٻوڏ وارن علائقن ۾، جتي اچ وڃ جا سڀئي رستا بند هوندا آهن، پيراشوٽ وسيلي امدادي پارٽيون، دوائون ۽ ڪپڙا پهچائينديون آهن.
پيراشوٽ جو تصور سڀ کان اڳ اٽليءَ جي مشھور سائنسدان، ليونارڊو ڊاونچي ڏنو هو، جيڪو ساڳئي وقت هڪ عظيم چترڪار بہ هو. هن اهو تصور 1485ع جي آخر ڌاري پيش ڪيو. ان کانسواءِ هن هوا بازيءَ جو نظريو بہ پيش ڪيو ۽ هوائي جھاز جو خاڪو بہ تيار ڪيو. ارڙهين صديءَ جي آخر 1797ع ۾ اينڊري گارنيرِن (Andre Garnerin) سوراخدار پيراشوٽ (Vented parachute) ايجاد ۽ استعمال ڪئي. البت جان بچائڻ لاءِ پيراشوٽ جو استعمال 4 جولاءِ 1808ع تي ڪيو ويو، جڏهن ڦوڪڻي کي باھ لڳي وئي ۽ ان مان وڊڪي ڪارنٽو نالي ماڻهوءَ ٻاهر ٽپو ڏنو. روس ۾ 1911ع ۾ پيراشوٽ تي ڪافي تحقيقات ڪئي وئي ۽ اها تفريحي مقصدن لاءِ بہ ڪتب اچڻ لڳي. 1930ع تائين پيراشوٽ وسيلي ٽپو ڏيڻ روس جي بهادريءَ وارين رانـديـن ۾ شـمـار ٿيـڻ لـڳـو ۽ ان جي اها حيثيت عام ٿي وئي. 24 آگسٽ 1940ع تي حزنوف نالي هڪ روسيءَ اٽڪل چئن هزار فوٽن جي مٿاهينءَ تان ٽپو ڏنو ۽ 370 فوٽن جو مفاصلو طئہ ڪرڻ کان پوءِ پيراشوٽ کولي. 1940ع تائين 10 لکن کان مٿي روسي ماڻهو اها سکيا حاصل ڪري چڪا هئا. ٻي جنگ عظيم دوران 24 جون 1943ع تي ليفٽيننٽ ڪرنل ڊاڪٽر ڊبليو رينڊن لوئس 40 هزار فوٽن جي بلندي ءَ تان ٽپو ڏنو ۽ اضافي آڪسيجن جي مدد سان زمين تي لھي آيو. انهيءَ بيمثال جرئتمنديءَ جي صلي ۾ هن هوابازيءَ جو اهم انعام حاصل ڪيو. آهستي آهستي پيراشوٽ جو استعمال عام ٿيڻ لڳو. هاڻي تہ پيراشوٽ وسيلي پربتن جيڏيون ٽينڪون، فوجي جيپون ۽ فوجي ٽرڪون بہ ميدان جنگ ۾ پهچايون وڃن ٿيون، ان ڪري اڄڪلھہ پيراشوٽ کي وڏي اهميت حاصل آهي.
پيراشوٽ جو ڪپڙو اڳ ئي تھہ ٿيل هوندو آهي. جنهن کي پوءِ هواباز هڪ رسيءَ کي سٽَ ڏئي کوليندو آهي. رسي کلڻ شرط هڪ جهٽڪو ايندو آهي. پيراشوٽ جي رخ تي سائنسدان اڃا ڪنٽرول ڪري نہ سگهيا آهن ۽ ’جيڏانهن ڪنڌ تيڏانهن پنڌ‘ واري ڳالھہ وانگر جيڏانهن هوا جو رخ هوندو آهي، اوڏانهن هوا سان گڏ آهستي آهستي هلندي ويندي آهي، جنهنڪري ڪڏهن ڪڏهن هوابازن کي جتي لهڻو هوندو آهي، اتي لھڻ بدران ڪنهن ٻيءَ جڳھہ تي وڃي لهندا آهن. جيئن جيئن پيراشوٽ هيٺ لهندي ويندي آهي، ان تي ڪشش ثقل اثر ڪرڻ شروع ڪندي آهي ۽ هوا باز جي لھڻ جي رفتار تيز ٿي ويندي آهي ۽ زمين کان ستن اٺن فوٽن جي مٿاهينءَ کان ئي هواباز زمين تي ٽپو ڏيندو آهي. ائين نہ ڪرڻ سان هوا باز زخمي ٿي سگهي ٿو. اڄڪلھہ تہ پيراشوٽ، هواباز جي سيٽ سان ٻڌل هوندي آهي. هنگامي حالتن ۾ رڳو بٽڻ دٻائڻ سان جھاز جو مٿيون حصو کلي ويندو آهي ۽ سيٽ مٿي اڇلجي ويندي آهي ۽ هواباز پيراشوٽ کولي آرام سان هيٺ لھي ايندو آهي. پيراشوٽ وسيلي هيٺ لهندڙ ماڻهوءَ کي ’ڇٽي بردار‘ چيو ويندو آهي ۽ پيراشوٽن وسيلي لهندڙ فوجن کي ”ڇٽي بردار فوج“ ڪوٺيو ويندو آهي. ڇٽي بردار فوج اڄڪلھہ گهڻو ڪري هر ملڪ ۾ موجود آهي.


لفظ پيراشوٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو