پير، اصحابي محمد اسماعيل: ڀريا شھر کان ٻہ ڪلوميٽر اوڀر طرف، ڳوٺ جلباڻيءَ کان لڳ ڀڳ هڪ ڪلوميٽر اتر - اوڀر ۾ درگاھہ پير اصحابي محمد اسماعيل مشھور آهي. اُن بابت روايت آهي تہ پير اسماعيل نبي اڪرم صلعم جو اصحابي هو. مزار مبارڪ جي مٿان هڪ ڪشادو صفو ۽ چوگرد پڪو ڪٽهڙو تعمير ٿيل آهي. ڏکڻ ۾ هڪ ننڍي مسجد ۽ زائرين لاءِ مسجد ڀرسان لانڍي بہ ٺهيل آهي. درگاھہ جي هيٺان اڳئين پاسي کان ڍورو آهي، جنهن ۾ هر وقت سم جو پاڻي بيٺو رهي ٿو. سال 1960ع ڌاري مائي راسل گوپانگ هن درگاھہ جو ڦريو ڦوڪارو ڪندي هئي، جنهن کي ’درگاھہ جي فقيرياڻي‘ سڏيو ويندو هو. گذريل ڪجهہ سالن کان غلام مصطفيٰ خاصخيلي عرف بگن فقير درگاھہ تي باقاعدي رهائش اختيار ڪري، خدمت سرانجام ڏيئي رهيو آهي. درگاھہ شريف تي هر مهيني 14 تاريخ راڳ رنگ جي محفل ٿيندي آهي.