
پيار ۽ پڇتاءُ
پيار ۽ پڇتاءُ (ڪتاب): سنڌي ٻوليءَ جي هن ناول جو مصنف مشھور ليکڪ گل محمد چنا آهي. ڪتاب جي ’پنھنجي پاران‘ ۾ طارق اشرف پنهنجا ويچار لکيا آهن، جڏهن تہ بيڪ ٽائيٽل تي بہ طارق اشرف جون سٽون ڏنيون ويون آهن. ناول جو پهريون ڇاپو 1976ع ۾ گاج پبليڪيشن دادوءَ ۽ ٻيو ڇاپو 2007ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جي هن ناول جا ڪل 139 صفحا آهن ۽ قيمت 100 روپيا آهي.