پوکڻ لانڍي: سيوھڻ کان ڪراچي ويندڙ رستي (جنھن جاءِ تي رستو پوکڻ نئن اڪري ٿو،) تي پوکڻ لانڍي جي نالي ماڳ آھي. ھتان محال ڪوھستان جو علائقو شروع ٿئي ٿو. ھيءُ ماڳ 25048'59'' اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67044'72'' اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. پوکڻ نئن جي اترين ڪناري- ڪرچات کان 7 ڪلو ميٽر پري آهي. هيءُ هنڌ سنڌو تھذيب ۽آمري ڪلچر جو ماڳ آهي. ھتي تاريخ کان اڳ واري دور جا آثار ملن ٿا. هتي پراڻين اڏاوتن جي پيڙھہ جا پٿر ۽ ٺڪراٺو پکڙيل آھي. ڏاکڻي حصي ۾ ڌاتو-پٿر جي دؤر جا آثار ملن ٿا. ماڳ جي ماپ 1400x1400 فوٽ ٿيندي. اڏاوت ۾ ھڪ ڀت 53x288 فوٽ ايراضيءَ جي آھي. ست فوٽ ويڪرين ڀتين سان ڇھہ ڪوٺيون آهن، جن جا لنگهہ اوڀر انهن جي طرف آهن ۽ پيڙھہ پٿر جي آهي. ڪڇو بٺي ۽ پوکڻ ھڪ ٻئي کي ويجهو آھن. جيڪا ڳالھہ ظاھر ڪري ٿي تہ ھي ھنڌ وڏي اھميت وارو ھو، ڇوته ھي ماڳ اھڙي رستي تي آھي، جيڪو سيوھڻ ۽ منڇر کان ايندڙ رستو ۽ جبل لتاڙي ڪوھستان واري علائقي ۾ داخل ٿئي ٿو. ھتان پوءِ ڪيئي واٽون ٺھن ٿيون، جيڪي ڏيساور تائين وڃن ٿيون.