پوٿي جپ صاحب
پوٿي جپ صاحب (ڪتاب): هيءُ ڪتاب هريسنگهہ ڊنگي مل جو لکيل آهي، جنهن جي قيمت هڪ آنو ڇھہ پايون ڄاڻايل آهي. هيءَ ڪتاب هريسنگهہ، وڪٽوريا پريس لاهور مان سال 1888ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سال 1889ع ۾ ڇپيو، جنهن جي قيمت هڪ آنو 3 پايون ڄاڻايل آهي.