پوپٽ2

پوپٽ2: ڪنن ۾ پائڻ لاءِ هڪ قسم جو ڳھہ، جيڪو سنڌ ۾ ٻين سماٽ ذاتين سان گڏ گهڻو ڪري سومرا ۽ هندو مينگهواڙ بہ پائيندا آهن. پوپٽ ڳھہ چانديءَ مان بہ جڙندا آهن، جن جو نمونو بہ پوپٽ (طوطي) جيان ٿئي ٿو. جيئن تہ هن ڳھہ سان سنڌ جي هڪ لوڪ ڪهاڻي بہ مشھور آهي، جنهن جو هڪ اهم ڪردار ”طوطو“ (پکي) آهي. ڪهاڻيءَ جو مکيہ ڪردار ڀينءَ سيڪاريو، هڪ پوپٽ (طوطو) پاڻ سان وٺي شھر ’پٽڻ‘ پهتو، جتي ’نبن‘ مُلڪ پئي هلايو. نبن ٿھيم جڏهن ڀينءَ سيڪاريو کي مارڻ جو ارادو ڪيو تہ اِها خبر پوپٽ (طوطي) کي پئجي وئي، جنهنڪري نبن ٿھيم پوپٽ کي ڌڪ هنيو. پوپٽ زخمي حالت ۾ ڀينءَ سيڪاريو جي ماءُ جي ڪن تي ويهي ڪجهہ ٻوليندي، اتي ئي مري ويو. ڀينءَ جي ماءُ پوپٽ جي انهيءَ وفاداريءَ کي ياد ڪرڻ ۽ نسل در نسل منتقل ڪرڻ لاءِ نج چانديءَ جو پوپٽ ٺهرايو، جنهن جي شڪل انهيءَ طوطي جهڙي هئي. اِهو ڳھہ ٿري عورتون بہ پائين، ڇو تہ پوپٽ ٿريءَ ۾ طوطي کي چوندا آهن. انهيءَ کان پوءِ سومرن ۾ پوپٽ پائڻ جو رواج پيو ۽ اِهو رواج اڄ سوڌو سومرن ۾ قائم آهن.
پوپٽ (ڳھہ) جي اڳوڻي صورت هاڻي گهڻو ڪري ساڳي نہ رهي آهي، تڏهن بہ ان جي صورت سان ملندڙ جلندڙ آهي. پوپٽ اهڙو ڳھہ آهي، جنهن جو ذڪر سنڌ جون سورميون پنھنجي دل ۽ جان سان پنهنجن گيتن ۾ لوڪ انداز سان ڪنديون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو