پولينڊ

پولينڊ

پولينڊ

پولينڊ (Poland): هن ملڪ جو سرڪاري نالو جمهوريه پولينڊ ”رزڪز پاسپوليتا پولسڪا“ (Republic of Poland) آهي، هن ملڪ جو نالو سلاوڪ قبيلي Polane مان نڪتل آهي. Polane جي معنيٰ آهي ”ميدان“ يا ”سنوت“. پولينڊ جو ملڪ اوڀر وچ يورپ ۾ آهي، جنهن جي اتر ۾ بالٽڪ سمنڊ، اوڀر ۾ روس، لٿوانيا، بيلارس ۽ يوڪرائن. ڏکڻ ۾ سلواڪيا ۽ چيڪ جمهوريه ۽ اولھہ ۾ جرمني جا ملڪ آهن. پولينڊ جي ڪل پکيڙ 312683 چورس ڪلوميٽر (120695 چورس ميل) ۽ آبادي 3 ڪروڙ 86 لک 44 هزار آهي.
پولينڊ جي گاديءَ جو هنڌ وارسا (Warsa) آهي ۽ ملڪ جو سڀ کان مٿانهون هنڌ رائسڪ پيڪ (بلندي: 2500 ميٽر) آهي. پولينڊ جي سرڪاري ٻولي پولش آهي. جڏهن تہ هتي جرمن ۽ روسي ٻوليون بہ ڳالهايون وڃن ٿيون. پولينڊ هڪ آزاد جمهوريه آهي، جتي صدارتي ۽ پارلياماني نظام حڪومت قائم آهي. صدر رياست جو مملڪتي اڳواڻ (هيڊ آف اسٽيٽ) چيف ايگزيڪيوٽو ۽ هٿياربند فوج جو ڪمانڊر انچيف آهي. وچولي موسمي دائري ۾ هئڻ سبب پولينڊ جي موسم خوشگوار رهندي آهي. بارش جو ساليانو تناسب 600 ملي ميٽر آهي. پولينڊ جي مکيہ زرعي پيداوار پٽاٽا، ڪڻڪ، گجر، تماڪ، ڪڻڪ، ڪپھہ وغيرہ جو آهي ۽ اتان جي مکيہ صنعتن ۾ سامونڊي جهاز، فولاد، مشينري، ڪيميائي شيون، موٽرگاڏيون، شراب، سيمينٽ، ڪپڙو، ڪاغذ ۽ ماهگيري آهي. پولينڊ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 22 جولاءِ 1944ع آهي ۽ هن ملڪ کي گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 24 آڪٽوبر 1945ع کان حاصل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.07.22  عيسوي

پولينڊ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 22 جولاءِ 1944ع آهي ۽ هن ملڪ کي گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 24 آڪٽوبر 1945ع کان حاصل آهي.



ملڪ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سنگاپور
آرمينيا
پٽ ڪينئون
آئرلينڊ
آسٽريا
روانڊا
روس
پورچوگال
جيبوتي جبوتي
برما
ملڪ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون