پولوناروا جو مندر

پولوناروا جو مندر

پولوناروا جو مندر

پولوناروا جو مندر (Place of Polonnaruwa): پولو ناروا نالي شھر جو شمار سريلنڪا جي قديم شهرن ۾ ٿئي ٿو، هن شھر ۾ پٿر سان اڏيل پولوناروا نالي هي بادشاهي محل، اٺينءَ کان تيرهين صدي عيسويءَ جي وچ واري عرصي ۾ اڏيو ويو هو، چيو وڃي ٿو تہ سريلنڪا جي ٻوڏي منش راجا هي محل تعمير ڪرايو هو. سندس وفات کان پوءِ اڄ تائين اهو محل ٻوڌي راهبن ۽ ڀکشوئن جي عبادت ۽ رهائشگاھہ پئي رهيو آهي، جنهن جي مک دروازي وٽ گوتم ٻڌ جو هڪ عاليشان مجسمو رکيل آهي، جو سريلنڪا جي ٻوڌي ماڻهن لاءِ اڄ بہ هڪ مقدس زيارت جي حيثيت رکي ٿو، هن عمارت جي چاڙهين ۾ استعمال ٿيل ڳاڙهي پٿر بابت چيو وڃي ٿو تہ اهو ڏيساور مان آندو ويو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو