پور بندر: پُور بندر ۽ ڪڇ (ڀارت) ۾ هڪ شھر ۽ سامونڊي بندر جنهن کي حرف عام ۾ ’پُر بندر‘ چوندا آهن. هيءُ وڏو مرڪزي بندرگاھہ هو. سنڌ جا ماڻهو حج ڏانهن وڃڻ لاءِ پور بندر تان ٻيڙي يا غوراب ۾ چڙهندا هئا. انگريزن جي دور ۾ دُخاني جھاز هلڻ لڳا، تڏهن بہ پور بندر استعمال ٿيندو هو. پور بندر ميمڻ جماعت جو وڏو واپاري مرڪز هو، ڇاپخانا بہ هوندا هئا، اتر سنڌ جا ناشر پنهنجا ڪتاب لاهور ۽ امرتسر جي ڇاپخانن مان ڇپائيندا هئا، جڏهن بہ لاڙ (ميرپور بٺوري) جا مصنف ۽ ناشر پنهنجا ڪتاب پور بندر ۽ بمبئي مان ڇپائيندا هئا. سنڌي ڪتابن جي ڇپائي گهڻو ڪري ڪاٺياواڙي ميمڻن جي ڇاپخانن ۾ ٿيندي هئي. سنڌ جي سرتاج ۽ يگاني صوفي شاعر شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ پنھنجي ڪلام ۾ سُر سريراڳ ۾ پوربندر جو ذڪر ڪيو آهي.
سيد ساٿ سندوم، پُر بندر پهچائين!