پوراني ميرڪ سيد محمد عبدالله

پوراني، ميرڪ سيد محمد عبدالله: ميرڪ سيد محمد عبدالله بن ميرڪ عبدالباقي پوراني 10 رمضان المبارڪ 972ھہ/11 اپريل 1565ع تي ڄائو، ان وقت هندستان تي جلال الدين محمد اڪبر بادشاھہ جي حڪومت هئي، ميرڪ عبدالله سڄي حياتي سنڌ کان ٻاهر رهيو ۽ ڪيترن سرڪاري عهدن تي فائز رهيو. هيءُ شاھجھان بادشاھہ جي درٻار ۾ وڏن عهدن تي رهيو ۽ بادشاھہ جو مٿس وڏو اعتماد هو، ميرڪ عبدالله 1004 ھہ/ 1595ع ۾ لاهور ۾؛ 1008ھہ/ 1599ع ۾ آگري؛ 1010ھہ/ 1601ع ۾ جونپور ۽ 1013ھہ/ 1604ع ۾ الھہ آباد ۾ ’شيخ الاسلام‘ جي عهدي تي رهيو. هيءُ فـارسـيءَ جـو شـاعر بہ هو، سندس ڪجهہ شعر ’پوراني سادات سکر'>تذڪره پوراني سادات سکر‘ ۾ درج آهن، هن خواجا عبدالقادر جي نياڻيءَ بيبي سلطانہ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس 3 پٽ ۽ چار نياڻيون ٿيون، سندس پٽن مان ميرڪ عبدالعظيم پائندہ بيگ ارغون جي ڌيءَ بيگم دوست سان شادي ڪئي. ميرڪ عبدالله پورانيءَ 62 ورهين جي ڄمار ۾ 27 صفر المظفر 1035ھہ/ 28 نومبر 1625ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1565.04.11  عيسوي

ميرڪ سيد محمد عبدالله بن ميرڪ عبدالباقي پوراني 10 رمضان المبارڪ 972هه/11 اپريل 1565ع تي ڄائو


1625.11.28  عيسوي

ميرڪ عبدالله پورانيءَ 62 ورهين جي ڄمار ۾ 27 صفر المظفر 1035هه/ 28 نومبر 1625ع ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اعظم خان
سيٺ ٺاڪرداس گولومل
پلي وڏيرو محمد سگهو
اي ڪيو پيرزادو
خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر
قاضي اياز مهيسر
بھرام سھراب رستم جي
رتناگر شيرين
عبدالحميد خان ترين
طلعت اقبال
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون