
پواڙي
پواڙي (Safflower): پواڙي ربيع جو تيل وارو فصل آهي، جيڪو غير روايتي تيلي ٻجن ۾ شمار ٿئي ٿو. سنڌ ۾ هن فصل کي عام پوکيءَ واري سرشتي لاءِ شامل ڪيو پيو وڃي. ڇاڪاڻ تہ هڪ طرف مارڪيٽ ۾ کاڄرو تيلن جي گهڻي گهرج آهي. ٻئي طرف بهتر قسمن سبب پواڙيءَ جي پوک نفعي بخش آهي. هن فصل جي ٻج ۾ تيل جو مقدار 36 سيڪڙوآهي. اهو تيل غذائي لحاظ کان اعليٰ قسم جو آهي. پواڙيءَ مان ملندڙ کاڄرو تيل ۽ لينولڪ ائسڊ وارو مادو انساني جسم جـي ڪـولـسٽـرول کي گهٽائي ٿو. هن تيل ۾ لينولڪ ائسڊ 79 سيڪڙو ٿئي ٿو، جنهنڪري پواڙي جي تيل کي کاڌي ۾ استعمال ڪرڻ سان هاءِ بلڊپريشر ۽ دل جي بيماري جهڙن موذي مرضن کان بچاءُ ٿي سگهي ٿو. پواڙيءَ جي تيل ۾ بوءِ وغيرہ نٿي ٿئي. ان ڪري هن کي عام گهاڻي تان پيڙائي سڌيءَ طرح کاڌي پچائڻ سان کاڌن جي لذت سٺي رهي ٿي. پواڙي جو تيل کاڌي سان گڏ وارنيش، رنگ روغن، صابڻ ٺاهڻ، شيشي جوڙڻ ۽ سينگار جو سامان وغيرہ ٺاهڻ ۾ ڪتب اچي ٿو. هن فصل جي گل جون پنکڙيون زعفران طور استعمال ٿين ٿيون. سندس گل رنگ سازيءَ لاءِ پڻ ڪم اچن ٿا. پواڙيءَ جي طبي لحاظ کان گهڻي اهميت آهي، هن ۾ موجود لينولڪ ائسڊ بدن جي خلين کي ڪئلشم پهچائي ٿو. اهو عمل وٽامن وانگر آهي، ان ڪري ان کي ”وٽامن ايف“ چئجي ٿو. سنڌ ۾ مشھور ٿاڌل لاءِ هن فصل جا ٻج استعمال ٿين ٿا. هي فصل آڳاٽي وقت کان جانورن جي چاري ۽ ڪپڙن جي رنگت لاءِ پوکيو ويندو هو. پواڙيءَ جو کڙ چوپائي مال لاءِ بھترين غذا آهي. ان کان سواءِ ان جو کڙ زمين ۾ ڀاڻ طور بہ استعمال ٿئي ٿو. جڏهن تہ هن جا ٻوٽا چوپايو مال وڏي چاھہ سان کائي ٿو. پواڙيءَ جا ننڍا ٻوٽا ۽ انهن جون نرم شاخون ڀاڄي ۽ ڪچومبر/ سلاد لاءِ استعمال ڪبيون آهن، ڇاڪاڻ تہ هن جي ڪچڙن پنن ۾ فولاد، ڪيوٽين، سڻڀ، پروٽين، نشاستو ۽ معدنيات آهي.پواڙي گرم علائقن جو فصل آهي. اصل ۾ هي فصل هندوستان کان چين، مصر کان اٽلي، اسپين ۽ جرمنيءَ منتقل ٿيو. هن وقت دنيا جي ڪيترن ملڪن جھڙوڪ: هندوستان، آسٽريليا، آمريڪا، افغانستان، ترڪي، اسرائيل، اسپين ۽ فرانس وغيرہ ۾ تيل لاءِ پواڙيءَ جو فصل پوکيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ هي فصل ساريال يا دوباري فصلن جي علائقن جھڙوڪ: شڪارپور، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ۽ دادو ضلعي جي اترين حصي ۾ ڪاميابيءَ سان پوکجي ٿو، جتي هي فصل ڪڻڪ، چڻن ۽ مٽرن جي ڀيٽ ۾ سٺي پيداوار ڏئي ٿو. هي فصل ساريال جي علائقي ۾ دوباري ۽ ڪچي جي علائقي ۾ بوسي فصل طور بہ سٺي پيداوار ڏئي ٿو. ان سان گڏوگڏ سنڌ جي آبپاشي وارن علائقن ۾ پڻ پوکيو وڃي ٿو.
زمين: پواڙي جي پوک وچولي کان ڳري زمين، جنهن ۾ گهڻي دير تائين وَٽَ رکڻ جي صلاحيت هجي ۽ پاڻي جي سٺي نيڪال جو بندوبست هجي، اتي پوکي سگهجي ٿي. پواڙي جي پوک لاءِ ڪلر کان صاف ۽ هلڪيون ڪلراٺيون زمينون موزون ٿي سگهن ٿيون.
زمين جي تياري: هن فصل جي پوکيءَ لاءِ آبپاشي يا موڪي زمين ۾ ٻہ ٽي سُڪيءَ جا هر ڏئي، ڀتر ڀڃي زمين هموار ڪجي. پواڙيءَ جي پوکيءَ وقت سائيءَ جا ٻہ ٽي هر ڏئي پاٽيو (سانهر)گهمائي زمين چڱيءَ طرح تيار ڪجي. دوباري فصل واري زمين ۾ سارين جي لاباري بعد جيئن ئي زمين وٽ ۾ اچي تہ زمين ٺاهجي.
پوکيءَ جو وقت ۽ طريقو: پواڙيءَ جي پوک نومبر کان ڊسمبر جي آخر تائين ڪري سگهجي ٿي. جنهن جو دارومدار علائقي جي حالتن ۽ آبهوا تي آهي. هن فصل جي پوک ڏکڻ سنڌ ۾ 15 نومبر کان شروع ٿئي ٿي. اتر سنڌ ۾ ساريال جي علائقي اندر 15 نومبر کان سڄو مهينو فصل پوکي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ تہ ساريال جي علائقن ۾ زمينون دير سان وَٽَ ۾ اچن ٿيون. ان حالت ۾ جنوريءَ جي پهرئين هفتي تائين هي فصل پوکي سگهجي ٿو. پواڙيءَ جي پوکي ناڙيءَ ذريعي قطارن ۾ ٻن فوٽن جي مفاصلي تي ڪرڻ گهرجي. جڏهن تہ دوباري ايراضين ۾ پوکي، ڇٽ ۽ کيڙ ذريعي بہ ڪري سگهجي ٿي.
جنسون: پواڙي جي بهتر پيداوار لاءِ ضروري آهي تہ سٺي جنس جو صحتمند ۽ تصديق ٿيل ٻج پوکيءَ لاءِ استعمال ڪجي. هن وقت پواڙيءَ جا ٻہ قسم پوکيءَ هيٺ هلن ٿا، جن ۾ بغير ڪنڊن واريون جنسون جھڙوڪ: ٺوڙهي- 78 ۽ پواڙي- 95 سفارش ڪيل آهن، جڏهن تہ ڪنڊن واري جنسن ۾ گِلا (Gila) اچي وڃي ٿي.
ٻج جو مقدار: پواڙيءَ جي ناڙي پوک لاءِ 10 ڪلوگرام ٻج ڪم آڻجي. جڏهن تہ دوباري پوک لاءِ 12 ڪلوگرام استعمال ڪجي، پر ڪورڙ يا ڇٽ کيڙ لاءِ 15 ڪلوگرام في ايڪڙ ٻج استعمال ڪجي. ٻوٽا خاص مقرر ڪيل فاصلي تي هجڻ گهرجن تہ جيئن سڀرا رهن.
ڀاڻ ڏيڻ: پواڙيءَ جي آبپاشيءَ واري فصل ۾ ٻہ ٻوريون نائٽروفاس ۽ هڪ ٻوري يوريا في ايڪڙ پوکيءَ وقت ڏيڻ گهرجي. دوباري فصل لاءِ زمين کي واڌو 3 ڪلوگرام يوريا ۽ 2 ڪلوگرام فاسفورس پوکيءَ وقت ڏيڻ گهرجي.
پاڻي ڏيڻ: آبپاشي جي علائقن ۾ هن فصل کي 5 کان 6 وارا پاڻيءَ جي ضرورت پوي ٿي، جيڪو 15 ڏينهن جي وقفي سان ڏيڻ گهرجي. جڏهن تہ گهڙٻي يا ڪُرَ (ڪورڙ) واري فصل کي شروعات ۾ ٻن کان ٽي پاڻي هلڪا ۽ تڪڙا ڏيڻ گهرجن تہ جيئن ٻوٽا بهتر نموني پاڙ هڻن. جڏهن تہ هن فصل جي دوباري پوک لاءِ پاڻيءَ جي گهرج ناهي هوندي.
گُڏ ڪڍڻ: هن فصل کي پوکيءَ کان ٽن هفتن بعد گڏ ڪڍڻ گهرجي. فصل دوران موجود غير ضروري ٻوٽا گڏ ذريعي ڪڍي ڇڏڻ گهرجن.
لابارو: پواڙيءَ جو فصل 150 کان 160 ڏينهن ۾ پچي تيار ٿئي ٿو. فصل ۾ جهار جو خاص خيال رکجي. تہ جيئن طوطن جي نقصان کان فصل کي بچائي سگهجي. ٻوٽا جڏهن سڪڻ لڳن ۽ داڻو سخت ٿي وڃي تہ لابارو شروع ڪجي.
پيداوار: آبپاشيءَ وارو فصل 25 کان 30 مڻ سراسري پيداوار ڏئي ٿو. جڏهن تہ دوباري فصل 12 کان 15 مڻ في ايڪڙ پيداوار ڏئي ٿو.