پهنوارن پچار

پهنوارن پچار

پهنوارن پچار

پهنوارن پچار (ڪتاب): هي ڪتاب نوابشاھہ ضلعي جي تاريخي منظرن ۽ تعارفن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ نواب شاھہ ضلعي جي اوليائن، درگاهن، تاريخي ماڳن، مڪانن، ڳوٺن، شهرن، سياسي خاندانن، عالمن، اديبن، شاعرن، سگهڙن ۽ ڏات ڌڻين جا احوال شامل آهن. هن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر مولانا عبدالرسول قادري آهي. ڪتاب جو نالو سنڌ جي سرتاج شاعر شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جي بيت جي پهرينءَ سٽ ”آئون ڪيئن ڇڏيان سومرا، تن پهنوارن پچار“ مان کنيو ويو آهي. هي ڪتاب پنجن ڀاڱن تي مشتمل آهي، جن جو وچور هن ريت آهي: پهرئين ڀاڱي ۾ نوابشاھہ ضلعي (هاڻي بينظيرآباد) جو تاريخي پس منظر ۽ تعارف ڏنو ويو آهي. ٻئي ڀاڱي ۾ ضلعي جي اوليائن، درگاهن ۽ قبرستانن جي معلومات آهي. ٽئين ڀاڱي ۾ تاريخي ماڳن مڪانن جو احوال آهي. چوٿين ڀاڱي ۾ اتان جي سياسي خاندانن جو ذڪر آهي ۽ پنجين ڀاڱي ۾ ان جي ماضيءَ توڙي حال جي نون، پراڻن عالمن، اديبن، شاعرن، سگهڙن ۽ ڏات ڌڻين جو احوال مرتب ڪيل آهي. هي ڪتاب نواب شاھہ ضلعي جي تاريخ متعلق هڪ اهم دستاويز آهي، جيڪو يونين ڪائونسل پير ذاڪريءَ، پاران سال 2008ع ۾ شايع ٿيو. پڪي جلد سان، 256 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 250 رپيا آهي، جنهن ۾ رنگين تصويرون پڻ شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو