
پهاڪا- ڪلام جا ڏيئا
پهاڪا- ڪلام جا ڏيئا (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ جي ناليواري اديب نورالدين سرڪيءَ ترتيب ڏنو آهي، جنهن ۾ شاھہ جي شاعريءَ مان سون ورنيون/سٽون شامل آهن. هن ڪتاب جا ٻہ ڀاڱا آهن: 1. پهاڪا ۽ 2. سون ورنيون سٽون، جيڪي الف ب وار ترتيب سان ڏنل آهن، ڪتاب ۾ شاھہ جي رسالي مان اُهي سون ورنيون سٽون چونڊي ڏنيون ويون آهن، جيڪي عام ڳالھہ ٻولھہ توڙي تحرير ۽ تقرير ۾ مثالن ۽ چوڻين طور ڪم آڻي سگهجن ٿيون. ڪتاب جي مهاڳ ۾ نورالدين سرڪيءَ پهاڪن جي وصف بيان ڪندي لکيو آهي تہ: ”پهاڪو هڪ ننڍو ياد رکڻ جهڙو بياني جملو آهي، جنهن ۾ نصيحت، چتاءُ، اڳڪٿي يا وري ڪو سوچيل سمجهيل مشاهدو سمايل هوندو آهي.“ نئين سنڌ اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران، هي ڪتاب نومبر 2006ع ۾ شايع ڪيو ويو. پڪي جلد سان، 282 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي.