پنھيار علي بخش اصغر

پنهيار، علي بخش ’اصغر‘: سياسي، سماجي اڳواڻ ۽ صحافي، علي بخش ’اصغر‘ ولد ڪريم بخش پنهيار، 4 مارچ 1951تي ڳوٺ فيض آباد تعلقي جيڪب آباد ۾ ڄائو. جيڪب آباد مان 1968ع ۾ ميٽرڪ ڪيائين. 1969ع ۾ هفتيوار ”الصلاح“ لاهور جو نمائندو مقرر ٿيو، بعد ۾ هو 1989ع کان 1990ع تائين روزانہ ”اتحادجيڪب آباد جو ايڊيٽر رهيو. 1992ع ۾ پنھنجي ذاتي اخبار ”خانڳڙھہ“ جيڪب آباد جاري ڪيائين. جنهن جو خود ايڊيٽر رهيو. 1997ع ۾ پريس ڪلب جيڪب آباد جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو ۽ ان بعد نائب صدر مقرر ٿيو. هڪ سماجي ڪارڪن طور پاڪستان سوشل ايسوسيئيشن جيڪب آباد جو 1997ع کان صدر آهي. سندس سماجي خدمتن عيوض هن تنظيم پاران کيس گولڊ ميڊل بہ ڏنو ويو. علي بخش پنھيار اسڪائوٽس ۾ بہ رهيو ۽ ڪافي خدمتون سرانجام ڏنائين. هن مجاهد فورس ۾ صوبيدار جي حيثيت سان خدمتون بہ سرانجام ڏنيون، خاص ڪري 1971ع کان 1973ع تائين ايمرجنسيءَ دوران ڏينهن رات فوجي اڏي تي ڪم ڪندو رهيو. سندس خدمتن عيوض کيس ڪجهہ اوارڊ بہ مليا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.03.04  عيسوي

علي بخش ’اصغر‘ ولد ڪريم بخش پنهيار، 4 مارچ 1951تي ڳوٺ فيض آباد تعلقي جيڪب آباد ۾ ڄائو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حميد نظامي
سرفراز وسطڙو
ارشد شريف
امام علي ڏيٿو
شبير تابش
قاضـي عـبـدالمجـيـد عـابـد
آفتاب احمد خانزاده
فاروق احمد راشدي
زيڊ اي شيخ
امداد علي سومرو
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون