پنھل ڏهر

پنھل ڏهر

پنھل ڏهر

پنھل ڏهر: محمد پنھل ڏهر، پھرين جون 1959ع تي ڳوٺ غلام علي ڏهر، تعلقي ڏهرڪي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. هن شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول ڳوٺ حاجي ڪانهيي مان، مئٽرڪ 1975ع ۾ گورنمينٽ پراونشلائيزڊ هاءِ اسڪول ڏهرڪيءَ مان پاس ڪئي، ايم. اي (سنڌي ادب)، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ۽ ايم. اي مسلم هسٽري 1990ع ۾ ڪئي. محمد پنھل ڏهر 1982ع ۾ پرائمري اُستاد مقرر ٿيو. 1993ع ۾ ليڪچرر ٿيو. سندس پھرين مقرري پاڪستان ڪاليج خيرپور ۾ ٿي. ڪجهه وقت گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج ڏهرڪيءَ جو انچارج پرنسپال به رهيو، ان کانپوءِ اسسٽنٽ پروفيسر طور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ميرپور ماٿيلي ۾ پڙهائيندو رهيو. ادب ۾ سندس خاص موضوع تحقيق رهيو. هن ڪلاسيڪي شاعري، شخصيتن ۽ ٻين علمي ادبي موضوعن تي 100 جي لڳ ڀڳ تحقيقي مقالا لکيا، جيڪي ٽماهي ’مھراڻ، ’نئين زندگي‘، ماهوار ’پيغام‘، ’سرمست‘ ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’معارف حافظ الملت‘ (حافظ محمد صديق ڀرچونڊيءَ واري جي شخصيت ۽ علمي خدمتون: (1995ع)، ’سرمست‘ ۾ شايع ٿيل مواد جي مڪمل فھرست (2000ع) ۽ ’ڪلام صوفي عثمان فقير لغاري‘ (ترتيب: 2003ع) شامل آهن. هن 11 مئي 2026ع تي وفات ڪئي.


لفظ پنھل ڏهرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.06.01  عيسوي

محمد پنھل ڏهر، پھرين جون 1959ع تي ڳوٺ غلام علي ڏهر، تعلقي ڏهرڪي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خالد سنڌي
رانٽو عبدالقادر
آفتاب نظاماڻي
خالد چانڊيو
رشيده حجاب
غلام قادر سومرو
پوپٽي هيراننداڻي
سيد عبدالحسين موسوي
صبيحا نذير مگسي
سحر انصاري
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون