پنگريو: پنگريو، ضلعي بدين، تعلقي ٽنڊي باگي جو ٻيو نمبر وڏو شھر آهي، هن جي آسپاس آباد ۽ سرسبز زمينون آهن. هتي ڪڻڪ، ڪپھہ، گيھہ ۽ چانورن جو واپار هلي ٿو. پراڻ درياھہ تي قديم شھر ”باغ جي پتڻ“ ۽ ”ٻنگار“ جي شھر جا کنڊر هن شھر جي ويجهو آهن. هن شھر ڀرسان مشھور درويش سمن شاھہ (سمن سرڪار) جو شاهي ميلو لڳندو آهي. سنڌي زبان جي مشھور شاعر خليفي نبي بخش ’قاسم‘ جي درگاھہ بہ هن شھر جي ويجهو آهي. پنگريي جي مشھور اديبن ۾ مرحوم نور محمد ’نور‘ سمو، وجئه واڌو مل مهراج، ليمون مل سنڌي ۽ سليم سنڌي آهن. نور سمون تازو وفات ڪري ويو. پنگرئي شھر ۾ پريس ڪلب بہ آهي.