پنگرا/ پنڪريو

پنگرا/ پنڪريو

پنگرا پنڪريو

پنگرا/ پنڪريو: هن وڻ کي انگريزيءَ ۾ Indian Coral Tree، لاطينيءَ ۾ Erythrina Indica، اردوءَ ۾ پنگارا، سنسڪرت ۾ بھو پشپا، هنديءَ ۾ پنگرا، بنگاليءَ ۾ پاليتمدر، ڪڇيءَ ۾ اردوسو، گجراتيءَ ۾ بنگارو ۽ پنجابيءَ ۾ گلشتر چيو ويندو آهي. هن جي آڪھہ Papilionaceae آهي. هـي وڏو پــن ڇـاڻيــنـدڙ وڻ آهـي، جيڪو باغن ۾ لڳايو ويندو آهي. هي وڌ ۾ وڌ ارڙهن ميٽر ڊگهو ٿيندو آهـي. هـن ۾ خـاڪــي رنـگ جــا هلڪـا اڀـار ٿيندا آهن. پن پندرهن کان ٽيھہ سينٽي ميٽر ڊگها ٿين ٿا، پنن جون ڏانـڊيــون ڏهــن کان پنـدرهـن سينٽي ميٽر هـونديـون آهن. هي وڻ پوري برصغير ۾ ٿئـي ٿــو. سـنـڌ ۾ بہ ڄـام شــوري حيدرآباد کان وٺي ڪراچيءَ تائين باغن ۾ لڳايو وڃي ٿو. هن وڻ جو اردو يا عربي ڪتابن ۾ ذڪر نہ آهي. پر عام طرح ”مر جان وڻ“ جي نالي سان سڏجي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو