پنڙيون

پنڙيون: هڪ قسم جو ڳھہ، پنڙين پائڻ جو رواج آڳاٽو آهي. اهو ڳھہ وزن ۾ هلڪو ٿئي ۽ ڏسڻ ۾ ننڍو اچي ٿو. پنڙيون، پنڙن کان ننڍيون ٿين ٿيون. اُهي لسيون بہ ٿين تہ گهنگهرين واريون بہ ٿين. هن جو گهاڙيٽو پوپٽ وانگر ٿئي ۽ ڪنوٽين ۾ پائبيون آهن. پنڙيون گهڻو ڪري ننڍيءَ عمر واريون نينگريون پهرينديون آهن. ننڍڙين ٻارڙين کي ڪنن ۾ پنڙيون ڏاڍيون ٺهنديون آهن، جنهنڪري جيڏيون سرتيون هڪ ٻئي کي تحفي ۾ بہ پنڙيون ڏينديون آهن. پنڙيون پتن سان مشابھہ هونديون آهن. پنڙين کي پلڙيون بہ ڪوٺيندا آهن. هي ڳھہ، خاص ڪري ڪولهين ۾ گهڻو هلندو آهي، انهن جون پنڙيون نج چانديءَ مان ٺهنديون آهن.


لفظ پنڙيونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو