پنڊت ڪشنچند جيٽلي

پنڊت ڪشنچند جيٽلي: مشھور اديب، تاريخ نويس ۽ لسانيات جي ماهر، پنڊت ڪشنچند ولد ٽوپڻ لال جيٽلي جو جنم، 21 جولاءِ 1910ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ ٿيو ۽ 18 جنوري 1995ع تي مهاراشٽر صوبي (ڀارت) جي پوني شھر ۾ ديهانت ڪيائين. ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جي دؤر ۾ سندس وڏا، فقير جي پڙ جي ويجهو مُکي گهٽيءَ ۾ پنهنجو گهر ٺهرائي اچي رهيا هئا. پنڊت ڪشنچند جو پيءُ ٽوپڻ لال وئديه ديسي طب (آيرويدڪ) ۽ سنسڪرت جو علم پنھنجي پيءُ کان حاصل ڪيو. ان کان پوءِ ڪلڪتي ۽ پرياگ (الھہ آباد) جي يونيورسٽين مان امتحان پاس ڪيائين. کيس سنڌ جي تاريخ جي اڀياس سان وڏو چاھہ هو. هن آڳاٽيءَ سنڌ جي سڀيتا ۽ سنسڪرتيءَ جو خاص اڀياس ڪري، ويدن واري زماني بابت ڪافي تحقيقي مقالا لکي شايع ڪرايا. پنڊت ڪشنچند جا سنڌي ٻوليءَ، ساهت ۽ سنڌ جي اتهاس بابت سؤ کان بہ وڌيڪ تحقيقي مقالا ڇپيل آهن. 1942ع ۾ مختـلف تعليـمدانـن ۽ مفڪــرن سنـڌ ۾ ”وڪـرم يونيـورسـٽي“برپا ڪرڻ جي رٿ ٺاهي هئي، ان جو مکيہ مقصد سنڌ جي اتهاس، سڀيتا ۽ سنسڪرتي لپي وغيرہ تي تحقيق ڪرائڻ هو. ان رٿا لاءِ پنڊت ڪشنچند جيٽلي، سڄيءَ سنڌ جو دورو ڪري سنسڪرت، هندي ۽ سنڌيءَ ۾ هزار کن آڳاٽا قلمي نسخا هٿ ڪيا هئا، پر هندستان جي ورهاڱي سبب اهو خواب اڌورو رهجي ويو ۽ ڪتابي ذخيرو بہ ناس ٿي ويو. اهڙا سؤ کن نسخا، جيڪي ناس ٿيڻ کان بچي ويا، سي سندس شخصي لائبرريءَ ۾ موجود آهن، جن کي سندس لائق پُٽ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو وڏو عالم ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي سنڀالي رهيو آهي.
سنڌ مان 1947ع واري ورهاڱي وقت لڏي وڃڻ کان پوءِ ڪشنچند ڪٽنب سميت پوني ۾ وڃي رهيو. ’موهن جي دڙي جي لپي‘، ’ويدن واري زماني جي سنڌ‘ وغيرہ موضوعن تي ڪيترا تحقيقي مقالا لکيائين، جيڪي آل انڊيا قومي ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ پڙهيائين. پنڊت ڪشنچند جي خاص خوبي اها هئي تہ هو 84-85 ورهين جي ڄمار ۾ بہ لڳاتار پندرهن سورهن ڪلاڪ لکڻ پڙهڻ ۽ اڀياس ڪرڻ ۾ مشغول رهندو هو. سندس ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيل تحريرون هن ريت آهن:
(1) هنديءَ ۾ لکيل”سنڌي ڀاشا ڪا سنکپت پريچيه“ (سنڌي ٻوليءَ جي مختصر واقفيت: 1957ع)، (2) ”شرنگار لھر“ (سنسڪرت جي شعرن جو سنڌي نظم ۾ ترجمو: 1984ع)، (3) ”ميگهہ دوت“ (ڪاليداس جي سنسڪرت شعرن جي مشھور ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ساڳئي سنسڪرت ڇند ۾ ترجمو)، (4) ”سنڌي هٽ- واڻڪن اکرن جي تاريخ“ (هن ڪتاب ۾ هٽ واڻڪن يا خواجڪي لپيءَ جي ڀيٽ موهن جي دڙي جي اکرن ۽ براهمي لپيءَ سان ڪئي وئي آهي)، (5) ”موهن جو دڙو ۽ هڙاپا سنسڪرتي، انهيءَ وقت جي مهرن جي لپي ۽ ڀاشا“ (هن ڪتاب ۾ موهن جي دڙي مان لڌل مهرن جي پڙهڻي ۽ معنيٰ سمجهائي وئي آهي: 1985ع)، (6) ”سنڌي نالن ۾ سنڌيت جي سڳنڌ“ (سنڌي هندن ۽ مسلمانن جي نالن جي اڀياس ذريعي سنڌ جي اتهاس جي جهلڪ پيش ڪيل آهي: 1986ع)، (7) ”سئنڌوي- سنسڪرتي“ (سنڌو تھذيب ۽ پراچين سنڌ جي اتهاس تي مراٺي ٻوليءَ ۾ لکيل مقالن جو مجموعو: (1991ع)، (8) ”سنج اپنشد“ (سنسڪرت ۾ لکيل ڪام شاستر ڪتاب جو ترجمو: (1988ع)، (9) ”سنڌي ويا ڪرڻ پراچيه“ (سنڌي ٻوليءَ جو وياڪرڻ: 1989ع) ۽ (10) ”سنڌي زيور (سنڌي زيورن جي باتصوير سمجهاڻي: (1994ع).پنڊت جيٽلي ”سنڌي شبد مهراڻ“ نالي سنڌي هم معنيٰ لفظن جي ڊڪشنري بہ تيار ڪئي هئي، جيڪا اڻ ڇپيل آهي ۽ سندس ٻيو بہ ڪيترو مواد اڻ ڇپيل حالت ۾ سندس فرزند ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي وٽ موجود آهي.


لفظ پنڊت ڪشنچند جيٽليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1910.07.21  عيسوي

مشهور اديب، تاريخ نويس ۽ لسانيات جي ماهر، پنڊت ڪشنچند ولد ٽوپڻ لال جيٽلي جو جنم، 21 جولاءِ 1910ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ ٿيو.


1995.01.18  عيسوي

پنڊت ڪشنچند جيٽلي 18 جنوري 1995ع تي مهاراشٽر صوبي (ڀارت) جي پوني شهر ۾ ديهانت ڪيائين.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالغفار گوهر دائودپوٽو
شبير احمد مخدوم
خالد ٽالپر
خواجہ ذوالفقار
ظفر عباسي ڊاڪٽر
خواجہ شمس الدين
رياض صديقي
بيدل مسرور
شمس سومرو ڊاڪٽر
خواند مير
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون