پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر

پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر

پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر

پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر: ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو مشھور گائڪ پنڊت اُوم ڪرناٿ ٺاڪر، شڪارپور سنڌ جي هانڊن ۾ هر سال ايندو هو. سندس ڳائڻ جو انداز نرالو هو ۽ سندس آواز ۾ مڌرتا هئي، ان ڪري حاضرين محفل کي تمام گهڻو پسند هوندو هو. اوم ڪرناٿ ٺاڪر'>پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر، 26 جون 1897ع ۾ رياست بڙودا جي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. سندس گلي ۾ قدرتي ميٺاڄ هو. 13 ورهين جي ڄمار ۾ هندستان جي مشھور گائڪ ”وشنو ڊگمبر“ جو شاگرد ٿيو ۽ ان وٽ 9 سال سنگيت جي سکيا ورتائين. جون 1922ع ۾ پنڊت اُوم ڪرناٿ ٺاڪر نيپال جي راجا وٽ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪافي شھرت حاصل ڪيائين. ڪجهہ وقت خان صاحب عبدالڪريم خان جو بہ شاگرد ٿي رهيو. اٽليءَ جي حڪمران مسولينيءَ آڏو بہ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. 1955ع ۾ کيس ڀارت سرڪار پاران ملڪ جو وڏي ۾ وڏي خطاب ”پدم شري“ مليو. اوم ڪرناٿ ٺاڪر'>پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر ڪافي عرصو بيمار رهڻ کان پوءِ 28 ڊسمبر 1967ع تي گذاري ويو.


لفظ پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1897.06.26  عيسوي

پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر، 26 جون 1897ع ۾ رياست بڙودا جي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو.


1967.12.28  عيسوي

پنڊت اوم ڪرناٿ ٺاڪر ڪافي عرصو بيمار رهڻ کان پوءِ 28 ڊسمبر 1967ع تي گذاري ويو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امام ماڇياڻي
الھڏنو نوناري
ڍول فقير
پنھون فقير
فتح محمد خان ڏيڌڙو
فقير منور علي دايو
خورشيد علي خان
رمضان علي خان
غلام شبير سمو
الھہ وسائي
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون