پنواڙ

پنواڙ

پنواڙ

پنواڙ: هن ٻوٽي کي انگريزيءَ ۾ Foeid Cassia، لاطينيءَ ۾ Cassia Tora ۽ گجراتيءَ ۾ ڪواريه سڏيو ويندو آهي. هي ٻوٽو Cassolpiniaceae خاندان سان تعلق رکندڙ آهي. پنواڙ جو ٻوٽو ميٽر کن ڊگهو هوندو آهي. هن جا پن ساوا، مخروطي ٿيندا آهن، جن جي شڪل ڀاڄيءَ جي پنن سان ملندڙ جلندڙ ٿيندي آهي. هن جي پنن جي خاصيت اها آهي تہ اُهي ٽڙيل هوندا آهن. سج لھڻ کان پوءِ مرجهائجي ويندا آهن. هنن پنن ۾ لعاب هوندو آهي، جنهن جو ذائقو ڦڪو هوندو آهي. هن ٻوٽي جو گل ڊگهو هيڊي رنگ جو ٿيندو آهي ۽ هن جا ٻج ڊگهي ڦرهيءَ ۾ هوندا آهن. پنواڙ ٻوٽو ڪسونديءَ سان ملندڙ جلندڙ هوندو آهي. پر ان کان ننڍو ٿئي ٿو. هي ٻوٽو هندستان ۽ پاڪستان ۾ جام ٿئي ٿو. هن جو ميوو ۽ پن طبيبن کي حڪمت ۾ ڪم ايندا آهن.


لفظ پنواڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو