پنهور ميان محمد صديق

پنهور، ميان محمد صديق: حافظ ميان محمد صديق پنهور ولد عبدالله پنهور، 11 آگسٽ 1827ع/ 18 محرم 1243ھہ تي، ضلعي سکر جي ڳوٺ ”ڀرچونڊي شريف“ ۾ ڄائو. پاڻ وڏو عابد، عالم ۽ زاهد بزرگ ٿي گذريو آهي. قادري مسلڪ سان واسطي هئڻ ناتي ڪيترن ماڻهن کي فيضياب ڪيائين. مخدوم احمد يار خان مهر، مولانا سيد تاج محمود امروٽي، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا عبدالغفور همايونيءَ جھڙا جيد عالم بزرگ شاعر ۽ صاحبِ فيض شخص سندس فيض يافتہ يا شاگرد هئا. حافظ صاحب کي حنفي فقھہ ۾ وڏو ملڪو حاصل هو. سندس فتوائن کي وقت جا عالم بنا ڪنهن چون چرا جي قبول ڪندا هئا. هي قديم وضع جو بزرگ 63 ورهين جي ڄمار ۾ 21 رمضان المبارڪ 1308ھہ بمطابق 1 آگسٽ 1891ع تي هن جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس آخري آرامگاھہ ڀر چونڊي شريف ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1827.08.11  عيسوي

حافظ ميان محمد صديق پنهور ولد عبدالله پنهور، 11 آگسٽ 1827ع/ 18 محرم 1243هه تي، ضلعي سکر جي ڳوٺ ”ڀرچونڊي شريف“ ۾ ڄائو.


1891.08.01  عيسوي

حافظ ميان محمد صديق پنهور 63 ورهين جي ڄمار ۾ 21 رمضان المبارڪ 1308هه بمطابق 1 آگسٽ 1891ع تي هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شهنشاھہ حسين نقوي علامہ
عبدالله لغاري مولانا
طيباڻي والي ڏنو فقير
بگو شير درگاھہ
سامتاڻي نارائڻ هيمن داس
آخوند محمد بچل انور
ڇٽو آخوند
آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي
مخدوم سعدالله صديقي
عبدالستار قادري نقشبندي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون