پنهواري

پنهواري: ضلعي سکر جي تعلقي روهڙيءَ ۾ هڪ ديھہ جو نالو.
ضلعي خيرپور جي تعلقي ڪوٽڏيجيءَ ۾ ساڳيءَ نالي سان هڪ ديھہ موجود آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن:
اُڄڻ، ڌوپ وارو، ٿيٻا، فيض مهر، لونگ ٿيٻو، جيئو شنباڻي، الھداد ڀٽي ۽ الھداد شنباڻي.
ضلعي نوشهري فيروز جي تعلقي ڀريا ۾ هڪ ديھہ، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن.
چانهين سليمان، وهاب پاتو، پنهواري ۽ نبي بخش آهن.
ضلعي ۽ تعلقي حيدرآباد ۾ هڪ ديھہ، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن:
قادربخش سولنگي، وليداد جهانجهڻ، حاجي فقير محمد، اسماعيل پنهور، ليمون پٽيل، ڀلو ماڇي، پيرل خاصخيلي، حاجي عارب شورو، لانڀو ڀاڳل ڪولهي، جمال ماڇي، نوح پنهور، حاجي واٽو شورو، گلڻ پالاري ۽ هوسڙي.
ساڳئي نالي سان ڳوٺ ضلعي سکر تعلقي پني عاقل جي ديھہ پنهواري جاگير ۾ آباد آهي، ضلعي سکر جو هڪ ڳوٺ، جتي مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي استاد مولانا عبدالقادر جو وڏو مدرسو هو.


لفظ پنهواريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو