پنج ند

پنج ند: صوبي پنجاب جي ضلعي بھاولپور ۾ اُچ شريف جي ويجهو اها جاءِ، جتي چناب ۽ ستلج پاڻ ۾ اچي ملن ٿيون. مٺڻ ڪوٽ پتڻ جي ويجهو پنج ند جو علائقو اچي ٿو. عام طرح پنجاب جي پنجن ندين- جهلم، چناب، راوي، بياس ۽ ستلج جي گڏيل وهڪري واري هنڌ ۽ اُنهن ندين جي وهڻ واري علائقي کي ’پنج ند‘ چيو وڃي ٿو. پنج ند واري هنڌ تان ڪيتريون نهرون ڪڍيون ويون آهن. نھر عباسيه ۽ نھر پنجند هڪ وڏي زرعي علائقي کي پاڻي فراهم ڪنديون آهن. پنج ند جي ڇوڙ کان ٿورو پهرين درياھہ جي کاٻي ڪنڌيءَ تي هڪ ڦٽل شھر جا نشان موجود آهن، جنهن کي درياھہ پائي ويو هو. باقي هڪ مسجد جو محراب وڃي بچيو آهي. پنج ند واري مقام تي درياھہ تمام سھڻي شڪل وٺي ٿو. پنج ند جو پاڻي نيرو آهي، جنهن مان ظاهر آهي تہ پنجاب جي ندين جا بئراج پاڻي جهليو بيهن ٿا ۽ اهو پاڻي سمي وهي ٿو. پنج ند جو پاڻي هڪ واهڙ وانگر سنڌو درياھہ ۾ پوي ٿو ۽ محسوس ئي نٿو ٿئي تہ ان واهڙ ۾ پنجن ندين جو پاڻي آهي. جڏهن تہ سنڌو درياھہ پنهنجو پيٽ بنھہ تراکڙو، ڪري پاڻيءَ کي ميلن ۾ پکيڙي ڇڏي ٿو ۽ هتي درياھہ سمنڊ جو ڏيک ڏئي ٿو.


لفظ پنج ندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو