پنج سٽا: پنج سٽا، شعر جو هڪ قسم آهي. سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ پنج سٽا استاد بخاريءَ لکيا آهن، جنهن پنج سٽي جا مختلف فارم/گهاڙيٽا متعارف ڪرايا آهن. نامياري شاعر مير محمد پيرزادي، استاد بخاري جي پنج سٽن جو تعارف هيئن ڪرايو آهي تہ ”پنج سٽن جي بحروزن جي ڪابہ مخصوصيت نہ آهي، يعني ڪهڙي بہ بحروزن ۾ انهن کي چئي/ لکي سگهجي ٿو. پنجن ئي سٽن جو وزن ڪهڙو بہ هجي پر هوندو هڪڙو. باقي قافين کي الڳ الڳ فارمن ۾ مختلف انداز ۾ ڪتب آندو ويندو آهي. مثال:
گهر منهنجو گهمڻ آئين، هيءُ احسان آ تنهنجو،
احسان ڪري آس جو ايوان بہ گهُم تون،
۽ پيـار سان دل منهنجيءَ جو دالان بہ گهُم تون،
هـت آرزو ۽ جـسـتجـو سـامـان آ تنـهنـجو،
هــن روح جـي هــر روم ۾ ايـمان آ تنـهنجو!
هند ۾ سنڌي زبان جي نامياري شاعر پرڀو وفا ’پنجڪڙا‘ لکيا آهن، جيڪي پنج - سٽن جو هڪ روپ آهن.